Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اي فلستي شهرن جا دروازؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو، اي فلستي شهرؤ! اوهين رڙيون ڪريو. هائو، اي فلستيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين ڊڄو ۽ ڏڪو، ڇاڪاڻ تہ اتر طرف کان هڪڙو لشڪر مٽيءَ جو طوفان اٿاريندو ايندو، انهن جي صفن ۾ ڪوبہ پٺتي هٽڻ وارو نہ هوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو.


”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


ڇاڪاڻ تہ هاڻي موآب جا ماڻهو پاڻ تي آيل مصيبتن تي واءِ‌ويلا ڪن ٿا. اهي سڀ قيرحراست شهر ۾ کاڌل ڪشمش جي خاص ٽڪين کي ياد ڪري واءِ‌ويلا ٿا ڪن. بيشڪ اهي سڀيئي بدحال ٿي ويا آهن.


اشور جي شهنشاهہ سرجُون پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار اعليٰ کي فلستين جي شهر اشدود تي حملو ڪري شهر فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سو هن انهيءَ شهر تي ڪاهہ ڪئي.


شهرن کي ڊاهي بلڪل کنڊر بڻايو ويندو، ۽ انهن جا دروازا ڀڃي ناس ڪيا ويندا.


انهيءَ ڏينهن يهوداہ جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا تہ ”اسان جو شهر يروشلم هڪ محفوظ شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جي حفاظت خدا پاڻ ٿو ڪري.


شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.


اوهين خداوند جي ڪتاب کي جاچي پڙهي ڏسو، انهيءَ لاءِ تہ ڪابہ سٽ رهجي نہ وڃي، بلڪ هر ڪا سٽ ٻيءَ سٽ سان گڏ پڙهي وڃي. اهي سڀ خداوند جون ئي فرمايل ڳالهيون آهن، جيڪي هن پاڻ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون آهن.


خداوند خورس کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ تنهنجي اڳيان هلندس، تہ جيئن جبلن ۽ ٽڪرين کي تنهنجي لاءِ هموار ڪريان. آءٌ پتل جا دروازا ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندس، ۽ انهن جا لوهہ جا گز ٽوڙي ڇڏيندس.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ”هن ملڪ تي اتر کان مصيبت اچي ڪڙڪندي.


”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن! اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا ۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ، بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا. ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا،


سڀني فلستين کي ناس ڪرڻ جو ڏينهن اچي ويو آهي، هائو، اهي جيڪي صور ۽ صيدا جي مدد ڪن ٿا. آءٌ خداوند فلستين کي، يعني ڪريت ٻيٽ جي اصلي رهاڪن کي ناس ڪرڻ وارو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ