Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:30 - Muslim Sindhi Bible

30 آءٌ خداوند هڪ ريڍار جيان پنهنجي قوم جي غريبن ۽ محتاجن جي سار سنڀال لهندس، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذاريندا. مگر اوهان فلستين جي نسل کي آءٌ ڏڪار سان ماريندس، اهو ڏڪار اوهان مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تڏهن غريبن جا پهريان ڄاول ٻار کائيندو، ۽ محتاج سلامتيءَ سان سمهي آرام ڪندا: ۽ آءٌ تنهنجي نسل کي ڏڪار سان ماريندس، ۽ جيڪي تنهنجا باقي بچيل هوندا سي قتل ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:30
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مرض سندن چمڙيءَ کي ڳهي ويندو، هائو، موتمار بيماري سندن عضوا کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


تڏهن غريب ۽ مسڪين ماڻهو خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري وڌيڪ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا.


خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.


آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


پوءِ يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ کي وڌيڪ چيو تہ ”اي حزقياہ! تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي تہ هن سال جيڪو ڪجھہ پاڻيهي ڦٽندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال بہ اُهو ئي کائيندا جيڪو وري اُن مان پاڻيهي ڦٽي نڪرندو. پر ٽئين سال ۾ اوهين پاڻ پوکيندا، لڻندا، انگورن جا باغ لڳائيندا ۽ پوءِ انهن جو ڦر کائيندا.


تڏهن دولتمندن جا گھر بلڪ پورا شهر ويران ٿي ويندا، جن ۾ رڍون ٻڪريون توڙي ڌارين جا ڌڻ ائين پيا چرندا، ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهن ۾ پيا چرندا هجن.


تو تي ٻِٽيون مصيبتون اچي پيون آهن. هائو، تنهنجو ملڪ نہ رڳو جنگ ۾ برباد ٿي رهيو آهي، بلڪ تنهنجي قوم ڏڪار سبب مري رهي آهي. ڪوبہ ناهي جيڪو تو سان غمخواري ڪري، ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي دلداري ڏئي.


اهو وقت ايندو جڏهن ماڻهو سڄي ملڪ ۾ بک ۽ بدحاليءَ ۾ پيا ڦرندا وتندا. جڏهن کين بک ستائيندي تڏهن اهي جان کان بيزار ٿي ويندا ۽ پنهنجي بادشاهہ ۽ معبودن تي لعنتون وجھندا. پوءِ اهي مدد لاءِ پنهنجا منهن کڻي آسمان ڏانهن


سو ملڪ اندر جتي ڪٿي ماڻهو ڦر مار ڪن ٿا. هو جھنگلي جانورن وانگر حملو ڪري، هر طرف چيرڦاڙ ڪندا ٿا وتن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ئي مٽن مائٽن کي بہ ڳڙڪايو ٿا وڃن، پر تڏهن بہ سندن بک ختم نہ ٿي ٿئي.


پر آءٌ اوهان مان رڳو حليم ۽ نماڻن ماڻهن کي بچائيندس، جن مون خداوند وٽ پناهہ ورتي هوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ