Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:29 - Muslim Sindhi Bible

29 ”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:29
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن فلستين جي هر ننڍڙي ڳوٺ کان وٺي وڏي شهر تائين يعني هر هنڌ، ويندي ڏکڻ طرف غزہ شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارن علائقن تائين سندن ٺڪاڻن تي حملا ڪري کين شڪست ڏني.


هڪڙي دفعي عُزياہ نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات، يبنہ ۽ اشدود شهرن جا ڪوٽ ڪيرايائين. هن پوءِ فلستين جي علائقي ۾ اشدود شهر جي ويجھو ۽ ٻين هنڌن تي بہ ڪوٽن وارا شهر ٻڌرايا.


فلستين پڻ هيٺاهين زمين وارن شهرن تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي. هنن بيت‌شمس، ايالون ۽ جديروت شهرن تي ۽ آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت شوڪہ، تمنہ ۽ جِمزو شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتي آباد ٿي ويا.


جڏهن اوهان جا دشمن مصيبت ۾ پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ڪريو. هائو، جڏهن اهي ٺوڪر کائي ڪري پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ملهايو،


انهيءَ جي بجاءِ هو پاڻ ۾ متحد ٿي رهندا، ۽ گڏجي اولهہ طرف فلستين جي مٿان وڃي ڪڙڪندا. جڏهن تہ اهي اوڀر طرف ادومين، موآبين ۽ بني عمون کي وڃي شڪست ڏيندا. هو انهن سڀني تي حڪمراني ڪندا، ۽ جيڪو چاهيندا سو کانئن کسي وٺندا.


ايترو امن هوندو جو کير پياڪ ٻار نانگن جي ٻرن وٽ پيا کيڏندا، ۽ ٿڃ ڇڏايل ٻار ڪاريهر جي ٻرن ۾ هٿ وجھندا، تہ بہ کين ڪو نقصان نہ پهچندو.


اي فلستي شهرن جا دروازؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو، اي فلستي شهرؤ! اوهين رڙيون ڪريو. هائو، اي فلستيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين ڊڄو ۽ ڏڪو، ڇاڪاڻ تہ اتر طرف کان هڪڙو لشڪر مٽيءَ جو طوفان اٿاريندو ايندو، انهن جي صفن ۾ ڪوبہ پٺتي هٽڻ وارو نہ هوندو.“


اي خدا! تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي اولاد کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھن اوڀر وارين قومن، ۽ فلستين وانگر جادوگر ۽ نجومي پيدا ٿي ويا آهن، ۽ هنن ڌارين سان ويجھا لاڳاپا قائم ڪيا آهن.


ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


فلستي شهر غزہ تي فرعون جي ڪاهہ کان اڳ فلستين بابت خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ


بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ٻيٽ واري شهر صور جي ماڻهن يروشلم جي شڪست تي خوشي ملهائيندي ڳايو آهي تہ ’واہ واہ! يروشلم کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي! جيڪو قومن جي واپار جو مرڪز هو، سو ويران ٿي ويو آهي. هاڻي اسان جو شهر صور وڌي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڳتي اُنهيءَ شهر جا واپاري اسان ڏانهن ايندا.‘


اوهان تہ بني اسرائيل جي ميراث واري ملڪ جي برباد ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون. پر هاڻي اي ادوم وارؤ! انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کان بدلو وٺندس ۽ اوهان جي سعير جبلن بلڪ سڄي ادوم ملڪ کي بلڪل ئي ويران ڪري ڇڏيندس. تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻين قومن جيان خوشي ۽ شادمانو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا سان بي‌وفائي ڪري کانئس پري ٿي ويا آهيو. هائو، اوهان بعل ديوتائن اڳيان پاڻ کي ڪسبياڻيءَ جيان پيش ڪيو آهي، ائين اوهان کي جيڪو اناج ملي ٿو، تنهن کي اوهين پنهنجي ڪسب جو عيوضو ٿا سمجھو.


سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.


فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.


آءٌ عقرون شهر کي سزا ڏيندس، بلڪ اشدود ۽ اسقلون شهرن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي بہ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، اهڙيءَ طرح فلستين جا باقي بچيل سڀيئي ماڻهو چٽ ٿي ويندا.“ اهو خداوند خدا جو فرمان آهي.


اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھربو هو جو اوهان انهيءَ ڏينهن پنهنجي بني اسرائيل وارن ڀائرن کي مصيبت ۾ ڏسي بيٺي کڳيون هيون. انهن جي تباهيءَ واري ڏينهن تي اوهان کي خوش ٿي ائين کڳيون هڻڻ نہ کپندو هو.


اي اسان جا دشمنؤ! اسان جي مشڪلاتن تي خوشيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اسين ڪري پيا آهيون، تڏهن بہ خدا اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو. ڀلي کڻي هن وقت اسين اونداهيءَ ۾ آهيون، پر خداوند اسان کي روشني عطا ڪندو.


غزہ شهر ۾ ڪوبہ ڪونہ بچندو، ۽ اسقلون شهر کي ويران ڪيو ويندو. اشدود شهر وران کي منجھند ٿيڻ کان اڳ تڙي ڪڍيو ويندو، ۽ عقرون شهر وارن جي پاڙ پٽي ويندي.


ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي فلستيؤ! اوهان جي شهر اسقلون جا رهاڪو اهو سڀ ڏسي ڊڄي ويندا، غزہ توڙي عقرون شهر وارن کي اهو ڏسي دهشت وٺي ويندي، اهڙيءَ طرح سندن اميد خاڪ ۾ ملي ويندي. غزہ شهر جي بادشاهيءَ جو خاتمو ٿيندو، جڏهن تہ اسقلون شهر ويران ٿي ويندو،


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هڪڙو نانگ ٺاهہ ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏ. جيڪو بہ نانگ جو ڏنگيل انهيءَ کي ڏسندو سو مرڻ کان بچي ويندو.“


سيحور ندي جيڪا مصر جي اوڀر ۾ آهي تنهن کان وٺي اتر ڏانهن عقرون جي سرحد تائين، اهو سمورو علائقو ڪنعانين جو ليکيو ويندو آهي يعني فلستين جي پنجن سردارن غزي، اشدودي، اسقلوني، جاتي ۽ عقروني وارو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عويم جو علائقو پڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ