هن يهوداہ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ غير معبودن جي لاءِ پوڄا گھر ٺهرايا تہ جيئن اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح هن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياري.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي فلستيؤ! اوهان جي شهر اسقلون جا رهاڪو اهو سڀ ڏسي ڊڄي ويندا، غزہ توڙي عقرون شهر وارن کي اهو ڏسي دهشت وٺي ويندي، اهڙيءَ طرح سندن اميد خاڪ ۾ ملي ويندي. غزہ شهر جي بادشاهيءَ جو خاتمو ٿيندو، جڏهن تہ اسقلون شهر ويران ٿي ويندو،