Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:23 - Muslim Sindhi Bible

23 آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:23
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ تنهنجي گھراڻي تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجو سڀ نرينہ اولاد ماري ڇڏيندس، توڙي جو اهو غلام هجي يا آزاد. آءٌ تنهنجي نسل کي ڇيڻي وانگر ساڙي ڇڏيندس، ايستائين جو اهي سڙي رک ٿي وڃن.


آءٌ يروشلم کي سامريہ جهڙي سزا ڏيندس. هائو، اهڙي سزا ڏيندوسانس جهڙي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ۽ سندس اولاد کي ڏني هئم. آءٌ يروشلم کي ائين اُگھي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو ٿالهي اُگھي اونڌي ڪري رکي ڇڏيندو آهي.


اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.


هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو.


هي پيغام مون کي سمنڊ جي ڀر واري بيابان ۾ ڏنو ويو. جهڙيءَ طرح ڏکڻ کان واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگھندا آهن، تهڙيءَ طرح انهيءَ خوفناڪ بيابان ۾ هڪڙي رويا اچي مون تي ڪڙڪي.


اي بابل جا دشمنؤ! اوهين هر طرف کان اچي بابل تي حملو ڪريو. ان جي اناج جا گدام ڀڃي خالي ڪريو. ملڪ کي ڊاهي ويران دڙا ڪري ڇڏيو. هائو، ان کي لٽي ڦري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن منجھس ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.


اتر مان انهيءَ ملڪ تي هڪڙي قوم ڪاهي ايندي، جيڪا انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيندي، ايتري قدر جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. ماڻهو توڙي جانور اتان ڀڄي ٻاهر نڪري ويندا.“


پوءِ دعا گھرجانءِ تہ ’اي خداوند! تو ئي چيو آهي تہ تون هن شهر کي تباهہ ڪندين، انهيءَ لاءِ تہ ڪو انسان توڙي حيوان انهيءَ ۾ نہ رهي، بلڪ اهو هميشہ لاءِ ويران رهي.‘


نينوہ هر قسم جي چوپائي مال، ۽ جھنگلي جانورن جي جوءِ ٿيندو. ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي ڳِجھون ۽ چٻرا اچي آکيرا ٺاهيندا. درين مان انهن جو آواز پيو گونجندو، ۽ چانئٺن تي ڪانوَ اچي ڪانگيرا ڪندا. عمارتن جو اندريون ديال وارو ڪاٺ ڪڍي کنيو ويندو.


هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي.“


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ