Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ڌرتيءَ جا سمورا بادشاهہ، هائو، انهن مان سڀڪو پنهنجيءَ وفات بعد عزت سان پنهنجي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن هو کيس دفن ڪرڻ لاءِ ويا تڏهن کين هن جي کوپڙي، هٿن ۽ پيرن کان سواءِ ٻيو ڪي‌بہ هٿ ڪين آيو.


کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ جو هن خدا ۽ سندس قوم ۽ هيڪل لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.


جيئن تہ يوآس لڙائيءَ ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، سو جڏهن ارامي لشڪر کيس ڇڏي هليو ويو، تڏهن سندس ئي ٻن عملدارن يهويدع ڪاهن جي پٽ جو بدلو وٺڻ لاءِ کيس سندس پلنگ تي ئي ڪُهي ڇڏيو. کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو پر بادشاهن واري قبرستان کان ٻاهر.


هائو، آءٌ ڌرتيءَ جي انهن بادشاهن ۽ وزيرن وانگر پيو هجان ها! جن پنهنجي لاءِ مقبرا اڏي ڇڏيا هئا.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.


مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.


هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن شهرن کي ڊاهي ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ دنيا کي بيابان بڻائي ڇڏيو هئائين، جنهن قيدين کي آزاد نہ ڪيو هو، تان‌تہ اهي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃن؟‘


پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.


”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ