Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:17 - Muslim Sindhi Bible

17 هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن شهرن کي ڊاهي ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ دنيا کي بيابان بڻائي ڇڏيو هئائين، جنهن قيدين کي آزاد نہ ڪيو هو، تان‌تہ اهي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃن؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 جنهن دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو، ۽ ان جي شهرن کي اونڌو ڪري ڦٽو ڪيو؛ جنهن قيدين کي ڇڏي نہ ڏنو تہ پنهنجي گهر وڃن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي مئل ماڻهو تو کي چتائي ڏسن ٿا، ۽ حيرت وچان چون ٿا تہ ’هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن ڌرتيءَ کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيائين؟


ڌرتيءَ جا سمورا بادشاهہ، هائو، انهن مان سڀڪو پنهنجيءَ وفات بعد عزت سان پنهنجي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.


مون پنهنجي سچائيءَ موجب ئي خورس کي اٿاري کڙو ڪيو آهي. آءٌ هن جا سڀ رستا سنواريندس. هو منهنجي شهر يروشلم کي وري تعمير ڪرائيندو، ۽ منهنجي قوم جي جلاوطن ٿيلن کي ڪنهن قيمت يا رشوت کان سواءِ ئي ڇڏائيندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


ڏس، تنهنجي چونڊيل ملڪ جا شهر بيابان بڻجي ويا آهن، صيئون بہ اجڙي ويو آهي، هائو، يروشلم ويران ٿي ويو آهي.


اوهان اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن تي ظلم ڪيو آهي. اوهين انهن کي قيد ڪري قابو ڪيو ويٺا آهيو، ۽ کين آزاد ڪونہ ٿا ڪريو.


هائو، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ ڏکڻ ۾ بيابان کان وٺي اتر ۾ دبلا شهر تائين سندن سڀني رهڻ وارن هنڌن کي ويران ۽ غيرآباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


اهي باهہ وانگر هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندا، هنن جي اڳيان جيڪي عدن جي باغ جهڙيون سرسبز ٻنيون آهن، تن سڀني کي اهي اهڙو برباد ڪري ڇڏيندا، جو سندن پٺيان اهي ويران ۽ بيابان نظر اينديون. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ ٿي سگھي.


اها خوفناڪ ۽ هيبتناڪ قوم آهي. اها جيڪا پاڻ ئي پنهنجي عدالت آهي، ۽ پاڻ ئي پنهنجي مان ۾ اضافو ڪندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ