Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:17 - Muslim Sindhi Bible

17 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ مادئي قوم وارن کي بابلين تي چاڙهي آڻيندس، جن کي نہ چانديءَ ۽ نہ وري سون جي لالچ ئي، ڪو چڙهائي ڪرڻ کان روڪي سگھندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڏسو، آءٌ مادين کي هنن جي برخلاف اُٿاريندس، جي چانديءَ جي پرواهہ نہ رکندا ۽ سون مان هنن کي ڪابہ خوشي نہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تان‌تہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“


مون خداوند اتر اوڀر واري ملڪ ۾ هڪڙو حڪمران چونڊيو آهي. هاڻي هو اچي رهيو آهي، مون اوڀر کان سندس نالو وٺي کيس سڏيو آهي. هو بادشاهن کي ائين گپ وانگر لتاڙيندو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي ڳوهيندو آهي.


زمري، عيلام ۽ مادئين جا سڀ بادشاهہ،


اتر مان انهيءَ ملڪ تي هڪڙي قوم ڪاهي ايندي، جيڪا انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيندي، ايتري قدر جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. ماڻهو توڙي جانور اتان ڀڄي ٻاهر نڪري ويندا.“


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ بابل جا جوان مرد پنهنجي شهر جي گھٽين ۾ ماريا ويندا، هائو، ان جا سڀ جنگي جوڌا انهيءَ ڏينهن ماريا ويندا.“


اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي بابل وارؤ! اهي جنگي جوڌا اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.


ڏسو، آءٌ اتر وارن ملڪن مان وڏين وڏين قومن جو هڪڙو جٿو اڀاري بابل تي چاڙهي آڻيندس. هو ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري وٺندا. هنن جا تيرانداز ايترا تہ ماهر هوندا، جو سندن هڪڙو بہ تير نہ گسندو.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


تن جو مطلب هي آهي. ’ڳڻپ، ڳڻپ‘ يعني خدا تنهنجي بادشاهيءَ جا ڏينهن ڳڻي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ