Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 11:14 - Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ جي بجاءِ هو پاڻ ۾ متحد ٿي رهندا، ۽ گڏجي اولهہ طرف فلستين جي مٿان وڃي ڪڙڪندا. جڏهن تہ اهي اوڀر طرف ادومين، موآبين ۽ بني عمون کي وڃي شڪست ڏيندا. هو انهن سڀني تي حڪمراني ڪندا، ۽ جيڪو چاهيندا سو کانئن کسي وٺندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 11:14
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


موآب جي باري ۾ هي پيغام آهي تہ ”بيشڪ هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب جا شهر عار ۽ قير ويران ۽ نابود ٿي ويا. هائو، هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب ملڪ تي بربادي اچي ڪڙڪي.


هاڻي انهيءَ بابت خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جيئن مزدورن جي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو آهي، تيئن ٽن سالن جي وقت اندر ئي موآب جو شان وَ شوڪت انهيءَ جي رهاڪن سميت ختم ڪيو ويندو. انهيءَ جا اڪثر ماڻهو ختم ٿي ويندا ۽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا، سي بہ نہ هجڻ جي برابر هوندا.“


بيشڪ خداوند هن جبل صيئون جي حفاظت ڪندو رهندو. مگر موآب جا ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙي ناس ڪيا ويندا، جيئن سڪل گاهہ لتاڙجي ڇيڻي سان ملي ويندو آهي.


ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.


هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.


اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.


اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟ هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو آءٌ خداوند آهيان، جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو ۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“


سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


ساڳيءَ طرح سڀيئي يهوداہ وارا جيڪي موآب، عمون، ادوم ۽ ٻين ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جو بادشاهہ ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي ۽ انهن تي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن کي گورنر مقرر ڪيو اٿس،


خداوند ٿو فرمائي تہ ”دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو، موآب ملڪ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو.


هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.


ڏسو، دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو ۽ بُصراہ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. انهيءَ ڏينهن ادوم جي بهادر مردن جي دل ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ ”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر، هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي هٿان ادومين کان پنهنجو بدلو وٺندس. اهي منهنجي قهر ۽ غضب موجب ادومين سان سلوڪ ڪندا. تڏهن ادوم وارن کي معلوم ٿي ويندو تہ منهنجو انتقام ڇا ٿيندو آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


هو بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ۾ بہ گھڙندو ۽ لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندو. پر اوڀر طرف ڀر وارا ادوم ۽ موآب جا ماڻهو توڙي بني عمون جا مکيہ ماڻهو سندس هٿان بچي نڪرندا.


مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بي‌گناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“


انهيءَ لاءِ تہ اڳ جيان بني اسرائيل ادوم جي باقي بچي ويلن کي بلڪ انهن قومن کي جيڪي منهنجي نالي سان سڏيا ويندا هئا، تن سڀني کي وري پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آڻين. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.


هنن جا گھوڙا چيتن کان بہ وڌيڪ تيز رفتار آهن، اهي رات جو شڪار ڪندڙ بگھڙن کان بہ وڌيڪ خوفناڪ آهن. سندن گھوڙيسوار ٽپندا ڪڏندا ٿا اچن. هائو، اهي ڏورانهين پنڌ کان ٿا اچن. اهي ائين ٿا اڏامندا اچن، جيئن باز شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ اڏامندو ايندو آهي.


ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


بلڪ اهو علائقو يهوداہ جي باقي بچي ويلن جي ملڪيت ٿيندو. اتي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا، ۽ اسقلون شهر جي ويران گھرن ۾ اچي رهندا. بيشڪ خداوند سندن خدا انهن جي سار سنڀال لهندو، ۽ هنن کي ٻيهر خوشحال ڪندو.


تنهنڪري، آءٌ قادر‌مطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“


آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ دسترخوان تي ويهندا.


جڏهن بہ بني اسرائيل ڪجھہ پوکيندا هئا تہ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر وارا ماڻهو اچي مٿن حملو ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ