Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:6
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کين ڪُٽي ڪُٽي دز جيان سنهو ڪري ڇڏيو، هائو، مون کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏيو.


ٻيو تہ آءٌ هن شهر کي حملو ڪري برباد ڪرڻ لاءِ اوهان جي معبود خداوند جي چوڻ کان سواءِ ئي آيو آهيان ڇا؟ خداوند پاڻ مون کي چيو تہ ’هن ملڪ تي چڙهائي ڪري کيس برباد ڪر.‘“


ان وقت يهوداہ جو ملڪ مصر جي لاءِ دهشت جو سبب بڻبو. هائو، جنهن وٽ بہ يهوداہ جو ذڪر ڪيو ويندو، سو ڊڄي ويندو. اهو سڀ خداوند قادرِمطلق جي انهيءَ ارادي جي ڪري ٿيندو، جيڪو هن مصر جي خلاف رٿيو آهي.


خداوند، قادرِمطلق خدا هي وقت رويا واري واديءَ جي لاءِ جنگ جي شور، دهشت ۽ هراس واسطي چونڊيو آهي. يروشلم شهر جون ديوارون ڀڃي ڪيرايون ويون آهن. پهاڙن ۾ مدد جي پڪارن جو پڙاڏو پيو گونجي.


بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.


پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ ڀٽڪيل ماڻهو بي‌وقوفيءَ واريون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙي خدا کي رد ٿا ڪن. هو خداوند بابت ڪوڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ لاءِ بکايل جي پيٽ تي لت ٿا ڏين، ۽ اڃايل کي پاڻيءَ کان محروم ٿا رکن.


ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


مون خداوند اتر اوڀر واري ملڪ ۾ هڪڙو حڪمران چونڊيو آهي. هاڻي هو اچي رهيو آهي، مون اوڀر کان سندس نالو وٺي کيس سڏيو آهي. هو بادشاهن کي ائين گپ وانگر لتاڙيندو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي ڳوهيندو آهي.


ڏسو، اوهان جي شهر کي اجاڙڻ ۽ برباد ڪرڻ وارا شهر مان نڪرندا ٿا وڃن، جڏهن تہ اوهان جي شهر کي نئين سر تعمير ڪرڻ وارا جلد اچي رهيا آهن.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي، ۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس، ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


هنن جي گجڪار شينهن جهڙي آهي، هائو، هو ببر شينهن جيان گجندا ٿا اچن. اهي شينهن وانگر پنهنجو شڪار ڪري بنا روڪ ٽوڪ جي کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ کانئن ڇڏائڻ وارو ڪونہ هوندو.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.


خداوند وراڻيو تہ ”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي، ۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو. هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن، جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.


پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو. مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو، ۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“


تنهن هوندي بہ اي آخز! تو تي، تنهنجي پوري شاهي گھراڻي تي بلڪ سڀني يهوداہ وارن تي خداوند اهڙا تہ مصيبت جا ڏينهن آڻيندو، جهڙا اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اشور جو شهنشاهہ اوهان جي ملڪ يهوداہ تي ڪاهہ ڪري ايندو.


انهيءَ سبب جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳ اشور جو شهنشاهہ اوهان جي دشمنن يعني دمشق ۽ سامريہ وارن تي حملو ڪري اتان جو مال ملڪيت لٽي ڦري پاڻ سان کڻي ويندو.“


پوءِ اهو لشڪر سڄي يهوداہ ملڪ تي پڻ ائين ڇانئجي ويندو، جيئن ڪا ٻوڏ چڙهي اچي ۽ ماڻهوءَ جي ڳچيءَ تائين وڃي پهچي.“ پر خدا اسان سان گڏ آهي. سو اهو حفاظت لاءِ پنهنجا پر اسان جي سڄي يهوداہ ملڪ تي پکيڙي ڇڏيندو.


پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


سو اهو قادرِمطلق خداوند جو قهر ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي بدڪاريءَ جي ڪري ملڪ کي ساڙي ڇڏي ٿو، ۽ انهيءَ جا رهاڪو باهہ جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو سڀ ماڻهو هڪٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم مون ڏانهن پوريءَ دل سان موٽ نہ ڪئي آهي، رڳو رياڪاري ڪئي اٿن. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


آءٌ مصر جو ملڪ هن کي ۽ سندس لشڪر کي صور جي عيوض طور ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ سندن صور تي حملو منهنجي مرضيءَ سان ئي هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.


سڀيئي يهوداہ وارا اهڙا تہ جنگي جوڌا ٿيندا، جو لڙائيءَ ۾ پنهنجي دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏيندا. جيئن تہ آءٌ خداوند انهن سان گڏ آهيان، تنهنڪري هو وڙهندا، ۽ گھوڙي سوارن کي اونڌي منهن ڪيرائي ڇڏيندا.


اي رياڪارؤ! بيشڪ يسعياہ نبيءَ جي معرفت خدا اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ