Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:30 - Muslim Sindhi Bible

30 جليم شهر جي رهاڪن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ پيون اچن. سو اي ليس جا رهاڪؤ! ٻڌو، اي عنتوت جا رهاڪؤ! اوهين بہ هوشيار ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 اي جليم جي ڌيءَ، وڏي آواز سان دانهن ڪر! اي غريب عنتوت پنهنجو آواز ليس کي ٻڌاءِ!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:30
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ سليمان ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”تون عنتوت ڏانهن وڃي پنهنجين ٻنين ۾ رهہ. تون واجب‌القتل آهين، پر في‌الحال آءٌ تو کي نہ مارائيندس ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند جي صندوق کڻي هلندو هئين ۽ منهنجي پيءُ تي پيل سڀني مشڪلاتن ۾ تون برابر جو شريڪ هوندو هئين.“


مدمينہ ۽ جبيم جا رهاڪو پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڀڄندا ٿا وتن.


هي ڳالهيون يرمياہ ولد خلقياہ جون چيل آهن، جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري ڳوٺ عنتوت جي ڪاهنن مان هو.


سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنم‌ايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“ مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي،


عنتوت ۽ علمون ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آس‌پاس جا چراگاهہ. اهي ڪل چار شهر کين ڏنا ويا.


هنن انهيءَ شهر جو نالو ليس مان ڦيرائي دان رکيو، يعني پنهنجي وڏي دان جي نالي پٺيان، جيڪو يعقوب جو پٽ هو.


سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن.


هوڏانهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل، جيڪا دائود جي زال پڻ هئي، سا ليس جي پٽ فلطيءَ کي ڏيئي ڇڏي، جيڪو جليم ڳوٺ جو رهندڙ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ