Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:29 - Muslim Sindhi Bible

29 هو لنگھہ کان گذري ويا آهن، ۽ جِبع شهر ۾ رات رهي پيا آهن. رامہ جا رهاڪو خوف وچان ڏڪي رهيا آهن، بادشاهہ سائول جي شهر جِبعت جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:29
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آسا جو باقي احوال، سندس ڪارناما، سندس سوڀون ۽ اهي شهر جيڪي هن تعمير ڪرايا سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. سندس پيريءَ ۾ هن کي پيرن جو مرض ٿي پيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.


جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“


اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو، جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا، اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن، هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.


بنيامين جي قبيلي مان کين هي شهر ڏنائون: جِبعون، جِبع،


سائول بہ جِبعت شهر ڏانهن پنهنجي گھر هليو ويو. اهي بهادر ماڻهو بہ ساڻس گڏ هليا جن جي دلين ۾ خدا جذبو وڌو هو.


جڏهن انهن جا قاصد جِبعت شهر ۾ اچي پهتا جتي سائول رهندو هو، تڏهن انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايائون جنهن تي سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.


سائول، سندس پٽ يونتن ۽ جيڪي ماڻهو ساڻن گڏ هئا، سي بنيامين جي جِبع شهر ۾ وڃي رهيا، جڏهن تہ فلستي مڪماس ۾ ئي خيما کوڙيو رهيا پيا هئا.


سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.


هوڏانهن فلستين پنهنجي سپاهين جي هڪڙي ٽولي مڪماس جي لڪ جي حفاظت لاءِ رواني ڪئي.


جڏهن تہ سائول جِبعت جي سرحد تي مجرون ۾ هڪڙي ڏاڙهونءَ جي وڻ هيٺان رهيو پيو هو. ساڻس گڏ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو هئا.


جبلن وارن جن لڪن جي وچان يونتن فلستين جي پهريدارن ڏانهن وڃڻ ٿي گھريو، اتي هڪڙي پاسي بوصيص نالي هڪڙي اُڀي ٽڪري هئي تہ ٻئي پاسي سنہ نالي ٻي اُڀي ٽڪري هئي.


هڪڙي ٽڪري اتر طرف مڪماس جي سامهون هئي تہ ٻي ڏکڻ طرف جِبع جي سامهون.


ان کان پوءِ سموئيل رامہ شهر ڏانهن هليو ويو ۽ سائول پنهنجي گھر جِبعت شهر ڏانهن روانو ٿيو.


پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ