Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:28 - Muslim Sindhi Bible

28 عئي شهر تي اچي قبضو ڪيو آهي، ۽ مجرون مان لنگھي ويا آهن. هنن مڪماس ۾ پنهنجو سامان رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 هو عيات ۾ آيو آهي، هو مجرون مان لنگهي ويو آهي؛ مڪماس ۾ هو پنهنجو سامان رکي ٿو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بنيامين قبيلي وارا هنن هنڌن تي رهندا هئا: جِبع، مڪماس، عئي شهرَ، بيت‌ايل شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ،


پوءِ اهو لشڪر سڄي يهوداہ ملڪ تي پڻ ائين ڇانئجي ويندو، جيئن ڪا ٻوڏ چڙهي اچي ۽ ماڻهوءَ جي ڳچيءَ تائين وڃي پهچي.“ پر خدا اسان سان گڏ آهي. سو اهو حفاظت لاءِ پنهنجا پر اسان جي سڄي يهوداہ ملڪ تي پکيڙي ڇڏيندو.


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


يشوع يريحو مان عئي شهر ڏانهن ڪجھہ ماڻهو موڪليا، جيڪو بيت‌ايل جي اوڀر طرف بيت‌آون جي ويجھو آهي. هن کين چيو تہ ”اوهين وڃي انهيءَ علائقي جي جاسوسي ڪري اچو.“ سو اهي ماڻهو ويا ۽ عئي شهر جي جاسوسي ڪيائون.


پوءِ هو پنهنجا ٻار ٻچا، چوپايو مال ۽ ٻيو سامان پنهنجي اڳيان ڪري روانا ٿيا.


سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.


هوڏانهن فلستين پنهنجي سپاهين جي هڪڙي ٽولي مڪماس جي لڪ جي حفاظت لاءِ رواني ڪئي.


فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


جڏهن تہ سائول جِبعت جي سرحد تي مجرون ۾ هڪڙي ڏاڙهونءَ جي وڻ هيٺان رهيو پيو هو. ساڻس گڏ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو هئا.


انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل مڪماس کان وٺي ايالون تائين فلستين کي ماريو ۽ ماڻهو تمام ماندا ٿي پيا.


هڪڙي ٽڪري اتر طرف مڪماس جي سامهون هئي تہ ٻي ڏکڻ طرف جِبع جي سامهون.


تڏهن دائود پنهنجو سامان، لشڪر جي سامان جي نگهباني ڪندڙ جي حوالي ڪري ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجي ڀائرن کان خيرعافيت پڇڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ