يسعياہ 10:20 - Muslim Sindhi Bible20 اهو وقت ايندو جڏهن يعقوب جي نسل مان اسرائيل جا باقي بچيل ماڻهو انهيءَ قوم تي وڌيڪ ڀروسو نہ ڪندا جنهن کين ذري گھٽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ اهي دل جي سچائيءَ سان خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو، ۽ يعقوب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هوندا، سي وري انهيءَ تي ٽيڪ نہ ڏيندا جنهن انهن کي ماريو هو؛ پر سچ پچ خداوند، اسرائيل جي پاڪ خدا تي ٽيڪ ڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“