Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:12
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ يروشلم، هائو، صيئون جبل ۾ باقي بچي ويل نڪري نروار ٿيندا. قادرِمطلق خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندي.


نماڻن ماڻهن کي تون ئي بچائين ٿو، ۽ مغروريءَ سان هلڻ وارن کي هيٺ ڪيرائين ٿو.


اي بادشاهہ! تون انهن جو اولاد بني آدم مان نابود ڪري ڇڏيندين. هائو، تون ڌرتيءَ تان سندن نسل کي ئي مِٽائي ڇڏيندين.


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


جنگي جوڌا اتي لُٽجي ويا آهن ۽ وڃي ابدي ننڊ ۾ ستا آهن، بيشڪ اهي زور وارا هئا پر سندن زورِ بازو بہ ڪم ڪين آيو.


بدڪار ماڻهو مغرور ۽ هٺيلا ٿا ٿين. هائو، سندن زندگي گناهن سان ڀريل ٿي ٿئي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پاڻ کي ٻين کان مٿاهون ٿا سمجھن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن نظر ۾ خسيس آهن.


بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.


اهو ڏينهن ايندو، جڏهن خداوند آسماني طاقتن کي آسمان ۾، ۽ ڌرتيءَ جي حڪمرانن کي ڌرتيءَ تي سزا ڏيندو.


ڇا خداوند بني اسرائيل کي اهڙي سزا ڏني، جهڙي سندن دشمنن کي ڏني اٿائين؟ يا کين ائين قتل ڪيائين، جيئن سندن قاتلن کي قتل ڪيو اٿائين؟


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


تنهنڪري ڏسو، آءٌ هن قوم ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم. ان وقت انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ سندن عقلمندن جو عقل خطا ٿي ويندو.“


ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.


خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان.


تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


گھٽ درجي وارن ماڻهن کي اڃا بہ گھٽايو ويندو، جڏهن تہ وڏي مرتبي وارن کي بلڪل حقير ڪيو ويندو، ۽ مغرورن کي خوار خراب ڪيو ويندو.


پر اي اوهين سڀ! جيڪي ٻين جي لاءِ باهہ ٿا ٻاريو، سي پاڻ ئي پنهنجي باهہ جي شعلن ۾ برباد ٿي ويندا. خداوند وٽ اوهان لاءِ اهو ئي ڪجھہ آهي. هائو، اوهان جي نصيب ۾ عذاب ئي عذاب آهي.


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


گاديءَ واري شهر سامريہ وارن سميت اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن کي اهو معلوم ٿي ويو آهي. پر مغروريءَ ۽ هٺ وچان چيو اٿائون تہ


ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي ٿو سڏجي، تنهن ۾ ئي آءٌ مصيبت آڻڻ وارو آهيان تہ پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو سزا کائڻ کان ڇٽي سگھو! اوهين سزا کائڻ کان هرگز بچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ روءِ‌زمين تي رهندڙن مٿان جنگ آڻڻ وارو آهيان. مون قادرِمطلق خداوند جو اهو فرمان آهي.‘“


تنهنڪري قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي اهڙي ئي سزا ڏيندس، جهڙي مون اشور جي شهنشاهہ کي ڏني هئي.


اي مغرور قوم وارؤ! آءٌ اوهان کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو ڪوبہ اوهان جي مدد نہ ڪندو. آءٌ اوهان جي شهرن ۾ اهڙي باهہ ٻاري ڇڏيندس، جيڪا اوهان جي آس‌پاس وارين سڀني شين کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


سو هاڻي آءٌ خداوند خدا اوهان کي انهيءَ وڻ جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. جيئن تہ اهو نهايت قداور ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي چوٽي وڃي آسمان تائين پهچائي ڇڏي اٿائين، تنهنڪري انهيءَ جي دل ۾ تڪبر اچي ويو آهي.


اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.


هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


قبرص ٻيٽ جا لشڪر سامونڊي جهازن ۾ ايندا، اهي اشور ۽ عبر ٻنهي کي شڪست ڏيئي عاجز ڪندا، پر آخرڪار قبرص ٻيٽ وارا پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.“


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي.


هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.


پر پوءِ مون کي اهو انديشو ٿيو تہ متان سندن دشمن فخر ڪري انهيءَ کي ابتو سمجھن، جو ائين چوندا وتن تہ ”اسان انهن کي برباد ڪيو آهي، هي سڀ خداوند نہ بلڪ اسان ئي ڪيو آهي.“‘


هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ