Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا، پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا، جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا. اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا، تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا. هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 9:6
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوآخز جي فوج ۾ پنجاهہ گھوڙي سوارن، ڏهن جنگي گھوڙي گاڏين ۽ ڏهہ هزار پيادن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو هو، ڇاڪاڻ تہ ارامين انهن جا ڪيترائي فوجي ماري ڇڏيا هئا. کين اهڙو ڪري ڇڏيو هئائون جهڙي اَن ڳاهڻ واري پِڙ ۾ مٽي.


ڇا ڏسان تہ اتي هر طرف ڪانڊيرا ئي ڪانڊيرا آهن، ۽ ڊڀن ٻنيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي. ٻنيءَ جي چوڌاري جيڪا پٿرن جي ڀت هئي، سا بہ ڪري پيئي آهي.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


ضُعن شهر جا اڳواڻ بي‌وقوف ٿي پيا آهن، نوف شهر جا شاهي عملدار ٺڳجي ويا آهن. هائو، جن تي مصري قبيلن کي ڀروسو هو، تن ئي کين گمراهہ ڪيو آهي.


اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.


هائو، اوهين پنهنجي خوشحال شهر جي سڀني گھرن لاءِ روئو رڙو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم جي سرزمين ۾، رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا.


انهيءَ جي محلاتن ۽ ڪوٽ وارن شهرن ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. ملڪ رڳو گدڙن ۽ اُلو پکين جي جُوءِ بڻجي ويندو.


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن هر باغ ۾ جتي اڳ ۾ هڪ هزار انگورن جون وليون هيون ۽ جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هئي، اتي انهن ولين جي بجاءِ رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا.


هائو، بني نوف ۽ بني تحفنيس بني اسرائيل قوم جي کوپڙي ڏاري وڌي آهي.


سو هاڻي پڪ ڄاڻو تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو رکو ٿا، اتي اوهين جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا.“


خدا جو اهو فرمان جيڪو اتر مصر جي شهرن مجدال، تحفنيس، نوف ۽ ڏکڻ مصر جي علائقي ۾ رهندڙ سڀني يهوداہ وارن متلعق مون يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي هو تہ


آءٌ اوهان يهوداہ جي باقي بچيلن کي هرگز نہ ڇڏيندس، جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هائو، اوهين سڀ مصر ۾ ناس ٿي ويندا. اوهين ننڍا توڙي وڏا سڀ جنگ ۾ يا وري ڏڪار سان ماريا ويندا. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو سبب بڻبا.


هائو، جيئن مون يروشلم وارن کي سزا ڏني هئي، تيئن آءٌ اوهان کي مصر ۾ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سزا ڏيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آس‌پاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.


سو اي مصر جا رهاڪؤ! قيد ٿي جلاوطن ٿيڻ لاءِ پنهنجا هنڌ ٽپڙ ٻڌي رکو، ڇاڪاڻ تہ نوف شهر ويران ٿيندو، ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.


خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


اهي مصر مان بہ ائين ڊوڙندا ايندا، جيئن پکي اڏامندا ايندا آهن، هائو، اهي اشور ملڪ مان پڻ پنهنجن گھرن ڏانهن ائين ايندا، جيئن ڪبوتر پنهنجن کُڏن ڏانهن ايندا آهن، پوءِ آءٌ کين سندن گھرن ۾ وري آباد ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري هاڻي آءٌ لوڙهو ڏيئي سندس رستو بند ڪندس، هائو، هن جي آڏو ڀت ڪڍندس، تان‌تہ کيس ڪو رستو نہ ملي.


اسرائيل وارا بي‌عقل ۽ بي‌سمجھہ ڪبوتر جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن. اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين، ۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.


ويل آهي انهن جي لاءِ! جن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، موت آهي انهن جي لاءِ! جيڪي مون کان باغي ٿي ويا آهن، توڙي جو مون کين بچائڻ ٿي گھريو، تہ بہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي.


مون کي ڇڏي هو انهن ڏانهن ٿا وڃن، جيڪي سندن ڪابہ مدد ڪري نہ ٿا سگھن. اهي غير معبود اهڙي تيرڪمان مثل آهن، جيڪو مهل تي دوکو ڏيو وجھي. سندن مغرور اڳواڻن جي بڪواس ئي کين جنگ ۾ مارائيندي، انهيءَ سبب سڀني اسرائيل وارن تي مصر ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.“


اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا، اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا، تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


اي يروشلم جي هيٺاهين جا رهڻ وارؤ! واءِ‌ويلا مچايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا سڀ سوداگر ۽ واپاري وڍجي ويندا.


پوءِ جڏهن هنن بني اسرائيل جي لشڪر تي حملو ڪيو تڏهن هو گھٻرائجي غارن، گھاٽن جھنگن، ٽڪرين، ڏرن ۽ کڏن ۾ وڃي لڪا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ