هوسيع 9:16 - Muslim Sindhi Bible16 اسرائيل وارن کي هنڌائتو ڌڪ لڳو آهي، جو انهن جي پاڙ سڪي ويئي آهي، هاڻي هو ڦر ڪين جھلي سگھندا، هائو، هو بياولاد ئي رهندا. پر جيڪڏهن کين ڪو اولاد ٿيو بہ تہ آءٌ سندن انهيءَ پياري اولاد کي ڪهي ڇڏيندس.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 افرائيم کي ڌڪ لڳو آهي، هنن جي پاڙ سُڪي ويئي آهي، هو ڦر نہ جهليندا: هائو، جيتوڻيڪ هو ٻار ڄڻيندا، تہ بہ آءٌ انهن جي پيٽ جو پيارو ڦر ڪهي ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،
آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.