Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 9:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هاڻي آءٌ تو کي انهن ماڻهن جي لاءِ وڌيڪ ڇا چوان؟ بس، سندن ٻار پيٽ اندر ئي مري وڃن ۽ انهن جي مائرن جو ٿڃ سڪي وڃي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اي خداوند هنن کي ڏي: تون ڇا ڏيندين؟ هنن کي ٻار ڪيرائيندڙ پيٽ، ۽ سُڪل ڇاتيون ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 9:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندن ڏاند لڳ ڪندي ڪندي ڪين ٿو گُسي، سندن ڳئون ڦر ڏئي ٿي ۽ ڪڏهن ڪين ٿي ٽُڀي.


اوهان جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ عورت جو حمل نہ ڪرندو، نہ وري ڪا سنڍ ٿيندي. آءٌ اوهان جي عمر جي ڏينهن جو شمار پورو ڪندس.


بني اسرائيل جا پويان بہ پنهنجن ابن ڏاڏن وارين عادتن تي قائم رهيا، سو هاڻي اسرائيل وارن جي وڏائي ۽ گھڻائي پکيءَ جيان اُڏامي ويندي، سندن عورتن کي حمل نہ ٿيندو، هائو، منجھن ڪوبہ ٻار ڪين ڄمندو.


اي خداوند! جيئن تو فرمايو، تيئن آءٌ انهن جي ٻارن کي شڪار ٿيندي ڏسان پيو، هائو، آءٌ کين شڪاريءَ جي هٿان ڪُسندي ڏسان پيو.


اسرائيل وارن کي هنڌائتو ڌڪ لڳو آهي، جو انهن جي پاڙ سڪي ويئي آهي، هاڻي هو ڦر ڪين جھلي سگھندا، هائو، هو بي‌اولاد ئي رهندا. پر جيڪڏهن کين ڪو اولاد ٿيو بہ تہ آءٌ سندن انهيءَ پياري اولاد کي ڪهي ڇڏيندس.“


انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.


انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.


افسوس آهي انهن عورتن تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي غضب نازل ٿيندو.


ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ عورتون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘


آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري ماڻهو جهڙو آهي تهڙو ئي رهي تہ چڱو.


اوهان جي اولاد تي، ٻنيءَ جي پيداوار تي ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن تي لعنت پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ