هوسيع 9:1 - Muslim Sindhi Bible1 اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻين قومن جيان خوشي ۽ شادمانو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا سان بيوفائي ڪري کانئس پري ٿي ويا آهيو. هائو، اوهان بعل ديوتائن اڳيان پاڻ کي ڪسبياڻيءَ جيان پيش ڪيو آهي، ائين اوهان کي جيڪو اناج ملي ٿو، تنهن کي اوهين پنهنجي ڪسب جو عيوضو ٿا سمجھو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.