Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اسرائيل وارا اشور ڏانهن ائين ويا آهن، جيئن ڪو اڪيلو رولو گڏهہ وڃي، اتي وڃي هنن پنهنجي مدد لاءِ اشورين کي ڀاڙي تي سڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو هو چڙهي اسور ڏانهن ويا آهن، جيئن ڪو جهنگلي گڏهہ پنهنجي منهن اڪيلو وڃي: افرائيم سينڌ ڀاڙي ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 8:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڏينهن ۾ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول جو لشڪر اسرائيل ملڪ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. تنهنڪري مناحم بادشاهہ پنهنجي ماڻهن جي هٿان چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي پول ڏانهن ڏياري موڪليو تہ جيئن هو سندس ملڪ تي حملو نہ ڪري ۽ مناحم جي بادشاهي مضبوط ٿيڻ ۾ سندس مدد ڪري.


اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ ئي، مدد لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڀڄن، انهيءَ لاءِ تہ فرعون سندن حفاظت ڪري، ۽ هو مصر جي پاڇي ۾ پناهہ حاصل ڪن.


ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


تون بيابان جي هِريل انهيءَ گڏهِہ جيان آهين، جيڪا پنهنجي شهوت جي پورائي لاءِ نوسيندي وتندي آهي، جڏهن وهر کڻيس ٿي تہ پوءِ ڪير ٿو کيس روڪي سگھي؟ ڪوبہ نر ان جي پٺيان لڳي پاڻ کي ڪين ٿڪائيندو، ڇو تہ لڳ جي وقت تي اُها پنهنجو پاڻ کيس هٿ اچي ويندي.


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن. سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس.


هاڻي آءٌ هن جي يارن آڏو کيس اگھاڙو ڪري خوار خراب ڪندس، ۽ ڪوبہ کيس منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.


يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.


اسرائيل وارا بي‌عقل ۽ بي‌سمجھہ ڪبوتر جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن. اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين، ۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ