Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 8:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اهي آهن اسرائيل وارن جا ڪرتوت جو انهن منجھان ڪنهن ڪاريگر پنهنجي هٿن سان اهو گابو جوڙيو آهي، ۽ اهي انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا سمجھن ٿا. سامريہ جي انهيءَ سوني گابي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 8:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.


سامريہ جي شهرن ۾ غير معبودن جا پوڄا گھر، جيڪي اسرائيل جي بادشاهن جوڙائي خداوند کي ڪاوڙ ڏياري هئي، سي سڀ پڻ يوسياہ ڊهرائي ڇڏيا ۽ انهن سان بہ ساڳي ڪار ڪيائين جيڪا بيت‌ايل جي پوڄا گھرن سان ڪئي هئائين.


هاڻ وري اوهين خداوند جي بادشاهت سان مقابلي ڪرڻ جا منصوبا ٿا ٺاهيو، جيڪا دائود جي اولاد جي هٿن ۾ آهي. اها حقيقت آهي تہ اوهين هڪ وڏو لشڪر آهيو ۽ اوهان وٽ سونا گابا بہ آهن جيڪي يربعام ٺاهي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.


جڏهن جشن پورو ٿيو، تڏهن اتي جيڪي ماڻهو آيا هئا سي سڀ نڪري يهوداہ جي ٻين شهرن ڏانهن ويا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان بت، يسيرہ ديويءَ وارن ٿنڀي جيان کوڙيل بتن سميت ڀڃي ڪيرائي ڇڏيائون. هنن يهوداہ ۾، بنيامين جي علائقي ۾، بلڪ افرائيم ۽ منسيءَ جي علائقن ۾ بہ ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ۽ قربان‌گاهون تباهہ ڪري ڇڏيون. تنهن کان پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي ويا.


اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي.


پوءِ موآب وارا پنهنجي معبود ڪموس جي ڪري اهڙا تہ خوار خراب ٿيندا، جيئن اسرائيل وارا بيت‌ايل واري معبود جي ڪري ٿيا هئا، جنهن تي هنن توڪل رکيو هو.


”تون قومن منجھہ ظاهر ڪر ۽ منجھن اعلان ڪر، هڪڙو جھنڊو کڙو ڪري پڌرائي ڪر ۽ ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، چئُہ تہ ’بابل قبضي هيٺ اچي ويو آهي، ان جي رهاڪن جو معبود مردوڪ خوار خراب ڪيو ويو آهي. هائو، سندن انهيءَ ديوتا کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي، ۽ سندس ڪراهت جهڙا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيا ويا آهن.‘


جيئن تہ هو دغاباز ۽ بي‌وفا ٿي ويا آهن، تنهنڪري هو انهيءَ جي سزا ڀوڳيندا، خدا سندن اهي قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏيندو، ۽ سندن بتن جا ٿنڀا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو.


پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟


اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“


آءٌ سامريہ جي قيمتي بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هائو، انهيءَ جي سڀني بتن کي ڀڃي ڍير ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ جي پوڄا گھرن جي ڪڃرين کي ڏنل هر شيءِ ساڙي رک ڪئي ويندي. سامريہ وارن پوڄا گھرن جي ڪڃرين جي اجرت مان جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪيا آهن، سي سڀيئي ڌاريا ماڻهو کڻي ٻين ڪڃرين کي اجرت طور ڏيڻ ۾ استعمال ڪندا.“


تراشيل بت يا پلٽيل مورتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ اهي تہ رڳو انساني هٿ جا ٺهيل آهن، ۽ ڪوڙ سان ڀريل آهن. پنهنجي هٿ سان ٺاهيل شيءِ تي انسان ڪيئن ڀروسو ڪري ٿو، جڏهن تہ اهي ڳالهائي بہ نہ ٿا سگھن؟


هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.


اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ