Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 8:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اسرائيل ۽ يهوداہ وارن پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، انهيءَ بجاءِ هنن ڪيترائي ڪوٽن وارا شهر ۽ محلات بڻائي ڇڏيا آهن، پر آءٌ باهہ موڪلي سندن انهن شهرن ۽ محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 8:14
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يربعام مختلف هنڌن تي پوڄا گھر پڻ تعمير ڪرايا ۽ انهن ۾ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيائين جيڪي لاوي قبيلي مان نہ هئا.


يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.


بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوڏهين سال، اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ مٿن قبضو ڪري ورتائين.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


هن يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ ڪيترائي شهر ٻڌرايا ۽ ٻيلن ۾ قلعا ۽ ٺُلهَہ ٺهرايائين.


هنن انهيءَ خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين بچايو هو، هائو، جنهن هنن کي مصر جي غلاميءَ مان ڇڏائڻ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا.


اچو تہ اسين جھڪي انهيءَ کي سجدو ڪريون، ۽ پنهنجي خالق خداوند جي آڏو گوڏا کوڙيون.


اي اسرائيل وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان پنهنجي بچائيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مضبوط ٽڪر جيان اوهان جي حفاظت ٿي ڪئي. انهيءَ جي بدران ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.


بلڪ جڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي ڏسندا، جنهن کي آءٌ هڪ عظيم قوم بڻائيندس، تڏهن اوهين منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا. هائو، اوهين مون خداوند، بني يعقوب جي خدا کي پاڪ ڪري ڄاڻيندا، ۽ مون بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪندا.


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.


اها قوم مون پنهنجي لاءِ خلقي آهي، تان‌تہ اهي منهنجي واکاڻ ڳائين.


”سرن واريون عمارتون ڪري پيون تہ ڇا ٿيو، اسين تراشيل پٿرن سان وڌيڪ بهتر عمارتون اڏينداسين. انجير جا شهتير وڍيا ويا آهن تہ ڇا ٿيو، اسين انهن جي جاءِ تي ديال جو مضبوط ڪاٺ لڳائينداسين.“


گاديءَ واري شهر سامريہ وارن سميت اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن کي اهو معلوم ٿي ويو آهي. پر مغروريءَ ۽ هٺ وچان چيو اٿائون تہ


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


هو سمجھن ٿا تہ جيڪي خواب هو ٻين کي ٻڌائين ٿا تن جي وسيلي منهنجي قوم کان منهنجو نالو ئي وسارائي ڇڏيندا، بلڪل ائين جيئن سندن وڏن بعل ديوتا جي پوڄا ڪري منهنجو نالو وساري ڇڏيو هو.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.


آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس، جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي، ۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي. هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس، جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


تنهنڪري آءٌ صور شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني رهاڪن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


تنهنڪري آءٌ تيمان شهر تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان سان گڏ بُصراہ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.


تنهنڪري آءٌ اهڙي باهہ موڪليندس، جيڪا بن‌هدد بادشاهہ جي ٺهرايل قلعي ۽ انهيءَ ۾ حزائيل بادشاهہ جي محل کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو، هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ