Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 8:12 - Muslim Sindhi Bible

12 توڙي جو منهنجي شريعت جا حڪم بي‌شمار بيان ڪيل آهن، تہ بہ انهن کي ڌاريو سمجھي مٿن ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 8:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.


اي خداوند! منهنجيون اکيون کول، تان‌تہ آءٌ تنهنجي شريعت جا عجب اسرار ڏسي سگھان.


جڏهن تہ اوهان کي منهنجي تربيت کان نفرت آهي، ۽ اوهين منهنجا حڪم پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


ڏسو، مون اوهان لاءِ نصيحت ۽ ڄاڻ وارا ٽيهہ قول لکيا آهن،


ڇاڪاڻ تہ اها هڪ باغي قوم آهي. هائو، اهي هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ مون خداوند جي شريعت ٻڌڻ کان انڪار ڪندڙ آهن.


مون انهن کي پنهنجا قاعدا قانون ٻڌايا ۽ پنهنجي حڪمن کان آگاهہ ڪيم. جيڪڏهن ڪو انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ئي جيئرو رهي سگھي ٿو.


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


تہ پوءِ يهودي هئڻ يا طهر ڪرائڻ جو ڪو فائدو آهي؟


هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچا ۽ چڱا آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ