Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اسرائيل وارن پنهنجن گناهن جي ڪفاري لاءِ گھڻا ئي قربان‌گاهہ جوڙايا، پر اهي ئي قربان‌گاهہ وڌيڪ گناهن جو سبب بڻيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو افرائيم گناهہ لاءِ قربانگاهہ وڌايا آهن، قربانگاهہ هنن جي لاءِ گناهہ جو سبب ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 8:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ اڇلائيندس، جنهن بابت نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڪا ڄاڻ هئي نہ وري اوهين ئي ان بابت ڪجھہ ڄاڻو ٿا. اتي اوهين ڏينهن رات غير معبودن جي پوڄا ۾ لڳا رهندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ڪابہ عنايت نہ ڪندس.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهان جو گناهہ مِٽجي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي دلين تي ائين اُڪريو ويو آهي جيئن لوهہ جي قلم سان پٿر جي تختيءَ تي. هائو، اوهان جي قربان‌گاهن جي ڪُنڊن وارن سڱن تي اوهان جي ڪفاري بدران ڄڻ تہ اهو گناهہ هيري جي نوڪ سان اُڪريو ويو آهي.


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.


اسرائيل وارا بڇڙاين ۾ اهڙا تہ ڦاسي ويا آهن، جو پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيڻ لاءِ هو سوچي ئي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ خداوند سان بي‌وفائي سندن وجود ۾ گھر ڪري ويئي آهي، تڏهن تہ کيس ڪين سڃاتو اٿائون.


اُتي اوهين ماڻهن جي هٿرادو ٺهيل ڪاٺ ۽ پٿر جي معبودن جي پوڄا ڪندا، جيڪي نہ ڏسندا، نہ ٻڌندا، نڪي کائيندا ۽ نہ وري سنگھندا هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ