هوسيع 7:5 - Muslim Sindhi Bible5 اهي پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي جشن واري ڏينهن مئي پيئاري مدهوش ٿا ڪن، ايتري قدر جو امير ۽ بادشاهہ مئي جي نشي ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خلاف سازشون ڪندڙن سان رلي ملي ويا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.