Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو مون کي رحم پسند آهي، نہ قرباني؛ ۽ خدا جي ڄاڻپ، سوختني قربانين کان وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 6:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


آءٌ اوهان کي اوهان جي قربانين بابت ڏوراپو ڪين ٿو ڏيان، ڇوجو اوهان جون ساڙڻ واريون قربانيون هميشہ منهنجي سامهون آهن.


سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.


جڏهن اوهين خدا جي گھر ۾ داخل ٿيو، تڏهن نماڻا ٿي احتياط سان اچو. ڪي بي‌وقوف ماڻهو اتي وڃي لاپرواهيءَ سان قربانيون تہ پيش ڪن ٿا پر نہ ٿا سمجھن تہ ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا ڦاسائين. انهيءَ کان تہ اهو وڌيڪ بهتر آهي جو اوهين اتي وڃي ڪجھہ ڌيان سان ٻڌو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جون هيتريون ساريون قربانيون منهنجي ڪنهن ڪم جون نہ آهن. هائو، آءٌ گھٽن جي ساڙڻ وارين قربانين کان، توڙي پليل ڍورن ڍڳن جي سڻڀي مال کان بيزار آهيان. مون کي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي رت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


هن غريبن ۽ محتاجن جو طرف کڻي پنهنجي لاءِ ڀلو ڪيو. اهو ئي تہ خداوند کي سڃاڻڻ آهي.


انهيءَ سبب جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن ساڙڻ وارين قربانين يا جانورن جي قربانين بابت مون انهن کي ڪوبہ حڪم ڪونہ ڏنو هو.


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ ”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر، ۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر. هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون.


بيشڪ آءٌ تو سان اهو لاڳاپو هميشہ لاءِ جوڙيندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اي اسرائيل وارؤ! خداوند کي اوهان جي خلاف شڪايت آهي، سو ٻڌو، خداوند اوهان جي باري ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”هن ملڪ ۾ نڪي سچائي آهي، ۽ نہ وري ڪو ڪنهن جي ڀلائي چاهي ٿو، نڪي وري هتي مون خدا جي ڪا سڃاڻ ئي آهي.


اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اوهان جي عيدن کي مڪروہ ٿو ڄاڻان، ۽ مون کي انهن کان نفرت آهي. اوهان جي پاڪ گڏجاڻين مان مون کي حقارت ٿي اچي.


پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ ”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟ ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن تي رحم ڪندو.


سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان‌گاهہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“


اهي سڀ طهريل هئا پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.


جيڪڏهن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.


تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو گناهہ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو گناهہ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ