Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا، جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 6:5
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


سو جڏهن يربعام جي زال دروازي ۾ داخل ٿي تڏهن اخياہ هن جي پيرن جو آواز ٻڌي کيس چيو تہ ”اي يربعام جي زال! هلي اچ، ڇو ٿي پاڻ کي ٻي عورت ڪري پيش ڪرين؟ مون وٽ تنهنجي لاءِ تمام بري خبر آهي.


الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


جڏهن اخي‌اب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي اسرائيل کي آزاريندڙ! تون هتي آهين؟“


جيڪو حزائيل جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي ييهو ماريندو ۽ جيڪو ييهوءَ جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع ماريندو.


هن بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“


تڏهن الياس نبيءَ وٽان کيس هڪڙو خط مليو، جنهن ۾ لکيل هو تہ ”خداوند، تنهنجي وڏي دائود جو خدا فرمائي ٿو تہ ’تون پنهنجي پيءُ يهوسفط توڙي يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي رستن تي نہ هليو آهين.


هو موت جي پاڇي مان ڀڄي نہ سگھندا. جيڪڏهن هو بيهودگيءَ تي ڀروسو ڪري پاڻ کي گمراهہ ڪندا، تہ بيهودگي ئي سندن اجر ٿيندو. هو اهڙي وڻ جيان آهن، جنهن جي نرم ٽارين کي شعلا ساڙي سڪائي ٿا ڇڏين، خدا جي هڪڙي ڦوڪ کين اڏائي ڇڏيندي.


”پر اي سياڻا سڏائيندڙؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا قادرِمطلق خدا کان ڪو برائيءَ يا بي‌انصافيءَ جهڙو ڪم ٿي سگھي ٿو؟


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


هو اوهان جي سچائيءَ کي روشنيءَ وانگر ظاهر ڪندو، هائو، هو اوهان جي حق تي هجڻ کي منجھند جي روشنيءَ وانگر پڌرو ڪندو.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين، يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“


ڏس، اڄ مون تو کي هن سڄي ملڪ جي سامهون يعني يهوداہ جي بادشاهن، ان جي عملدارن، ان جي ڪاهنن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ هڪڙو ڪوٽ وارو شهر، لوهہ جو ٿنڀو ۽ پتل جي ڀت ڪري بڻايو آهي.


تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس.


منهنجو فرمان باهہ وانگر آهي، هائو، ان هٿوڙي وانگر آهي جيڪو پٿر کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


تنهنڪري هاڻي تون انهن جي خلاف منهنجو پيغام ٻڌائي ڇڏ. هائو، اي آدمزاد! تون کين ٻڌائي ڇڏ.“


آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.


هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو.


پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.


موسيٰ هي عجيب نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏهن چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ هو ان جي ويجھو ويو، تڏهن هن خداوند جو آواز ٻڌو تہ


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


پنهنجي مٿي تي ڇوٽڪاري جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پاڪ روح جي تلوار، يعني خدا جو قول پاڻ سان کڻو.


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہ‌منهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي.


سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.


پوءِ انهن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اهي ملائڪ ان خاص مهل، ڏينهن، مهيني ۽ سال جي لاءِ تيار بيٺا هئا.


انهيءَ سان گڏوگڏ هنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبهہ نہ ڪئي.


سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


پوءِ سموئيل چيو تہ ”عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هتي مون وٽ وٺي اچو.“ تڏهن اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”موت جي تلخي ضرور اچي ويئي هوندي.“


سموئيل کيس چيو تہ ”جيئن تنهنجي تلوار ڪيترين ئي مائرن کي بي‌اولاد ڪري ڇڏيو آهي، تيئن تنهنجي ماءُ بہ بي‌اولاد ٿيندي.“ پوءِ سموئيل اجاج کي جِلجال ۾ قربان‌گاهہ وٽ قتل ڪري سندس لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ