Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 6:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 6:1
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند، اسان جي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي.


خدا غضب وچان مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن، هن ڄڻ دشمن بڻجي پنهنجيون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن، هائو، هن منهنجي پٺيان پيئي مون کي چيريو ڦاڙيو آهي.


جيڪڏهن تون قادرِمطلق آڏو توبهہ‌تائب ٿيندين، ۽ بدڪاريءَ کي پنهنجي گھر کان پري رکندين، تہ تون وري موٽي اڳئين حالت ۾ ايندين.


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


هو زخمي ڪري ٿو تہ پٽي بہ اهو ئي ٻڌي ٿو. هو ڦٽي ٿو تہ ڇٽائي چڱو ڀلو بہ هو ئي ڪري ٿو.


اي خداوند! تو پنهنجي ڪرم سان مون کي عظمت ۽ طاقت عطا ڪئي هئي. پر جڏهن تو مون کان منهن موڙيو، تڏهن مون کي ڊپ ورتو هو.


اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان. اي خداوند! مون کي چڱو ڀلو ڪر، ڇوجو منهنجي هڏين ۾ ڪو ست ناهي.


تو مون کي گھڻين ۽ سخت تڪليفن ۾ پيڙي ڇڏيو آهي. پر تون ئي مون کي انهيءَ پاتال مان ڪڍي ٻاهر آڻيندين، ۽ هڪ نئين زندگي عطا ڪندين.


مارڻ جو وقت هجي توڙي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو، ڊاهڻ جو وقت هجي توڙي اَڏائڻ جو،


انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجي خالق آڏو ٻاڏائيندا، هائو، سندن اکيون بني اسرائيل جي پاڪ معبود ڏانهن مدد لاءِ واجھائينديون.


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


پوءِ اوهين پنهنجي سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي گند ڪچري جيان اڇلائي ڇڏيندا. هائو، اوهين انهن کي حيض واري ناپاڪ ڪپڙي وانگر پري اڇلائي ڇڏيندا، بلڪ اوهان جي نظر ۾ اهي پاخاني جي گند مثل هوندا.


انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي.


خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اوهان جو زخم لاعلاج آهي، اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.


پر اوهان کي آءٌ وري تندرست ڪندس ۽ اوهان جا ڦٽ ڇٽائيندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي دشمن ائين نہ چون تہ ’اي صيئون! تون تہ رد ڪيل آهين، ڪنهن کي بہ تنهنجي پرواهہ ناهي.‘“


جيتوڻيڪ يروشلم وارا بابلين سان وڙهڻ لاءِ نڪتا آهن، تہ بہ سندن گھر ۽ محل سندن ئي لاشن سان ڀرجي ويندا. هائو، انهن کي آءٌ پنهنجي قهر ۽ غضب سان ماري ڇڏيندس. شهر وارن جي تمام گھڻي بڇڙائيءَ جي ڪري مون هن شهر کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.


تنهن هوندي بہ ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ انهيءَ کي وري اڏيندس ۽ ان جي رهاڪن کي بحال ڪندس. آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي بخشيندس ۽ کين دائمي امن ۽ سلامتي عطا ڪندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ وارا ٻئي گڏجي روئيندي ۽ زاريون ڪندي مون خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا.


هو صيئون جو رستو پڇا ڪندا ۽ اوڏانهن پنهنجو رخ رکندا. هو اتي اچي مون خداوند سان هڪ دائمي عهد ڪندا، جنهن کي هو ڪڏهن بہ نہ وساريندا.


هن مون کي منهنجي راهہ تان گهلي چيري ڦاڙي ڇڏي ڏنو آهي.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو، ۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو.


اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.


پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.


پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي ڏٺو هجي تہ گھر کي ليپو ڏيارڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ سينور جو مرض ٻيهر ڪونہ پکڙيو آهي، تڏهن هو انهيءَ گھر کي پاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو مرض نڪري ويو آهي.


اي بي‌شرم قوم! توبهہ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، پاڻ ۾ گڏ ٿيو.


هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.


بيشڪ خداوند ئي ماري ٿو ۽ هو ئي جياري ٿو، هو ئي قبر ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو ئي ٻاهر ڪڍي ٿو.


تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ