Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 5:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 5:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“


پوءِ هن انهن سونن گابن مان هڪڙو ڏکڻ ۾ بيت‌ايل شهر ۾ رکيو ۽ ٻيو اتر ۾ دان شهر ۾.


هو لنگھہ کان گذري ويا آهن، ۽ جِبع شهر ۾ رات رهي پيا آهن. رامہ جا رهاڪو خوف وچان ڏڪي رهيا آهن، بادشاهہ سائول جي شهر جِبعت جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن.


يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، هائو، پڙها ڏياري ۽ نفيلون وڄائي وڏي واڪي پڪاريو وڃي تہ ”اچو تہ گڏجي ڪوٽ وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون.“


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.


اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو، جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا، اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن، هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.


اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي.


اي خداوند جا خدمتگار ڪاهنؤ! صيئون جبل تي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ نفيل وڄايو، تہ جيئن اهي اچي ڏک جي اظهار لاءِ خاص روزو رکن.


ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟


يشوع يريحو مان عئي شهر ڏانهن ڪجھہ ماڻهو موڪليا، جيڪو بيت‌ايل جي اوڀر طرف بيت‌آون جي ويجھو آهي. هن کين چيو تہ ”اوهين وڃي انهيءَ علائقي جي جاسوسي ڪري اچو.“ سو اهي ماڻهو ويا ۽ عئي شهر جي جاسوسي ڪيائون.


بنيامين قبيلي وارن کان پوءِ افرائيم قبيلي وارا بہ لهي آيا، بلڪ مڪير ولد منسي گھراڻي جا سردار، ۽ زبولون جا سالار پڻ هيٺ لهي آيا.


ان کان پوءِ سموئيل رامہ شهر ڏانهن هليو ويو ۽ سائول پنهنجي گھر جِبعت شهر ڏانهن روانو ٿيو.


پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيائين.


تڏهن بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ گڏ ٿي رامہ شهر ۾ سموئيل وٽ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ