Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 5:15
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيڪي ڪجھہ اسان پنهنجي ڀاءُ سان ڪيو هو، اڄ انهيءَ جو نتيجو لوڙيون ٿا. جڏهن هن جي دل پيڙجي رهي هئي ۽ اسان کي آزيون نيزاريون ٿي ڪيائين تہ بہ اسان هن جي نہ ٻڌي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هيءَ مصيبت اسان تي آئي آهي.“


۽ پوءِ جيڪڏهن منهنجي قوم جيڪا منهنجي نالي ٿي سڏجي، سا عاجزيءَ سان دعا گھرندي ۽ منهنجي ٻاجھہ طلبيندي ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ وارين راهن کان منهن موڙيندي، تہ پوءِ آءٌ عرش عظيم مان سندن دعا ٻڌي سندن گناهہ معاف ڪندس ۽ سندن ملڪ کي وري خوشحال بڻائيندس.


پوءِ اهو انسان ماڻهن جي اڳيان اعتراف ڪندي چوي ٿو تہ ’بيشڪ مون گناهہ ڪيو هو، ۽ سچائيءَ جي راهہ کان ڦري ويو هئس، پر خدا مون کي سزا ڪين ڏني، جنهن جو آءٌ لائق هئس.


تڏهن هنن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو.


تڏهن هنن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو.


انهيءَ مصيبت ۾ هنن خداوند کي پڪاريو، جنهن طوفاني هوائن کي روڪي ڇڏيو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي ماٺو ڪري ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن کين سندن تڪليفن کان ڇڏايو،


تڏهن پنهنجيءَ مصيبت ۾ هنن خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو.


ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”هيءَ ئي هميشہ لاءِ منهنجي آرام‌گاهہ آهي. آءٌ هتي رهي حڪمراني ڪندس، ڇوجو انهيءَ کي پسند ڪيو اٿم.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


جڏهن خدا منجھانئن ڪي قتل ٿي ڪيا، تڏهن ئي اهي سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿي ٿيا، ۽ هڪدم پڇتاءُ ڪري سندس طالبو ٿي بڻيا.


اي خداوند! تون انهن کي اهڙو خوار خراب ڪر، جو اهي تنهنجي نالي جي عظمت جا قائل بڻجي وڃن.


جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.


انهيءَ سبب جو خداوند مون يسعياہ کي پيغام ڏيندي فرمايو تہ ”آءٌ پنهنجي عرش عظيم تان ائين سڪون سان هيٺ نظر ڪندس، جيئن ڏينهن جو گرميءَ ۾ سج جي تپش ماٺ ۾ محسوس ٿيندي آهي، يا جيئن اونهاري ۾ لاباري جي ڏينهن ۾ رات جو ماڪ خاموشيءَ ۾ پوندي آهي.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.


سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.


اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘ ۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘ اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي، پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.


انهيءَ جي بجاءِ اچو تہ اسين پنهنجي چال چلت بابت سوچ ويچار ڪريون، ۽ پوءِ وري خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون.


ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو.


پوءِ خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني يروشلم شهر کي ڇڏي رواني ٿي ۽ يروشلم جي اوڀر طرف واري زيتون نالي جبل ڏانهن هلي ويئي.


پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا.


پوءِ اوهان پنهنجي اڳئين بري هلت چلت، بڇڙائي، بدڪاري ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن کي ياد ڪري ڏاڍو شرمسار ۽ پشيمان ٿيندا.


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“


پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.


هو پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جون قربانيون ڪري، مون خداوند کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر آءٌ ساڻن راضي نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کانئن منهن موڙي ڇڏيو آهي.


ڏسو، خداوند پنهنجي انهيءَ جاءِ مان نڪري هيٺ اچي ٽڪر تي ٺهيل پوڄا گھرن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندو.


تڏهن ماڻهو موسيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان خداوند ۽ اوهان جي خلاف ڳالهائي گناهہ ڪيو آهي. هاڻي توهين خداوند کان دعا گھرو تہ هو نانگن کي اسان کان پري ڪري.“ سو موسيٰ انهن لاءِ دعا گھري.


جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘


يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ