هوسيع 5:11 - Muslim Sindhi Bible11 اسرائيل وارن تي جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو سندن لاءِ هڪ سزا آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن سرڪشي ڪري مون خداوند جي بجاءِ ٻين کان مدد گھُري، جيڪي سندن مدد ڪري نہ ٿا سگھن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 افرائيم تي ظلم ٿيو آهي، هو عدالت ۾ چپجي ويو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اجاين ڳالهين جي پٺيان هلڻ ۾ راضي هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“