Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پر جيئن طوفان ڪنهن کي ويڙهي سيڙهي پنهنجي وڪڙ ۾ کڻي ويندو آهي، تيئن اهي بہ ويڙهجي سيڙهجي کڄي ويندا، ۽ بت‌پرستيءَ جي ڪري اهي ذليل وَ خوار ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هوا ان کي پنهنجن کنڀن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجين قربانين جي ڪري شرمندا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم وارؤ! اوهين نهايت خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان شاهہ‌بلوط وڻن کي خوشيءَ سان پئي پوڄيو آهي، ۽ ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.


پر جيڪي تراشيل مورتين تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ انهن بتن کي پنهنجو خدا ٿا سڏين، سي ڏاڍا خوار خراب ۽ بي‌عزت ٿيندا.“


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ياد رکو، بابل ملڪ ۽ ان جا سڀ رهاڪو جيڪي منهنجا مخالف آهن، تن تي آءٌ طوفاني هوا جيان تباهي مچائيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهيان.


آءٌ ڪاهي ايندس ۽ اچي انهن بدڪارن کي سيکت ڏيندس، هائو، آءٌ ٻين قومن کي سندن خلاف گڏ ڪندس، ۽ کين گھڻن ئي گناهن جي سزا ڏني ويندي.


اشور جي عظيم شهنشاهہ وٽ نذراني طور اهو گابي وارو بت پيش ڪيو ويندو. اسرائيل وارا پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري خوار خراب ٿيندا.


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ