17 اسرائيل وارا بتن جي پوڄا گھرن ۾ ڦاسي ويا آهن، کين ڇڏي ڏيو تہ ڀلي هو پنهنجي رستي سان هلن.
17 افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو.
تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو.
جيتري قدر مون هنن کي پاڻ ڏانهن سڏيو، اوتري قدر هو مون کان پري ٿيندا ويا. هو بعل ديوتائن جي پوڄا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا، ۽ اُڪريل مورتين لاءِ لوبان ساڙيندا رهيا.
سندن شهرن تي جنگ مڙهي ويندي، ۽ سندن پوڄارين جا اڳواڻ ماريا ويندا. سندن نافرمانين جي ڪري تلوار منهنجي قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي.
اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.
پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟
خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهن هوندي بہ حقيقت ۾ منهنجي شڪايت اسرائيل وارن سان نہ، بلڪ اتان جي ڪاهنن سان ئي آهي.
سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“
جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آهي سو ڀلي ناپاڪ پيو رهي، جيڪو نيڪ آهي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ پيو رهي.“