هوسيع 4:13 - Muslim Sindhi Bible13 اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن. ٽڪرين تي جيڪي شاهہبلوط، ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن، تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جون نوجوان ڌيئرون، ۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 هو جبلن جي چوٽين تي قربانيون ٿا ڪن، ۽ ٽڪرين تي شاهہ بلوط ۽ ديودارن، ۽ تارپين جي وڻ هيٺ لوبان ٿا ساڙين، ڇالاءِ جو انهن جي ڇانوَ چڱي آهي: تنهنڪري اوهان جون ڌيئون ڪسب ٿيون ڪمائين، ۽ اوهان جون ننهون زناڪاريون ٿيون ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.