Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري هاڻي آءٌ لوڙهو ڏيئي سندس رستو بند ڪندس، هائو، هن جي آڏو ڀت ڪڍندس، تان‌تہ کيس ڪو رستو نہ ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهنڪري ڏس، آءٌ ڪنڊن سان تنهنجو رستو بند ڪندس، ۽ هن جي سامهون ڀت کڻي ڇڏيندس، جنهنڪري هوءَ پنهنجا رستا لهي نہ سگهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا منهنجي راهہ ۾ اهڙو لوڙهو هڻي ڇڏيو آهي، جو آءٌ لنگھي نہ ٿو سگھان. هن منهنجي رستن کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي.


جن جي حياتيءَ جو مقصد ئي ختم ڪيو ويو آهي، تن کي حياتي ڇو ٿي ڏني وڃي؟ هائو، جن کي خدا چوڌاري لوڙها ڏيئي بند ڪري رکيو آهي.


خداوند بت‌پرستن کي فرمائي ٿو تہ ”اي گنهگارؤ! اوهين جادوگرن جو اولاد، ۽ زناڪارن ۽ ڪسب ڪندڙن جو نسل آهيو. هاڻي اوهين عدالت ۾ اچي صفائي ڏيو تہ


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا، پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا، جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا. اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا، تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا. هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.


ڏس، اهي ڏينهن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تنهنجو گھيرو ڪندا ۽ هر طرف کان تو کي سوڙهو ڪندا.


انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ