Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:20 - Muslim Sindhi Bible

20 بيشڪ آءٌ تو سان اهو لاڳاپو هميشہ لاءِ جوڙيندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هائو، آءٌ توکي پنهنجي وفاداريءَ ۾ پنهنجي مڱ ڪندس، ۽ تون خداوند کي سڃاڻندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:20
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀني ساهوارن، سڀني پکين ۽ سڀني جانورن، جيڪي ٻيڙي مان توهان سان گڏ لٿا آهن، تن سان عهد ٿو ڪريان.


خداوند قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، هائو، هو قومن جا جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.


تون اڳتي ”ڇڏي ڏنل“ نہ سڏبينءَ، نڪي تنهنجي ملڪ کي ”ويرانو“ سڏبو، بلڪ تو کي ”خداوند جي خوشي،“ ۽ تنهنجي ملڪ جي زمين کي ”مڙس واري“ سڏيو ويندو. انهيءَ سبب جو خداوند تو مان خوش آهي، سو تنهنجي ملڪ کي خداوند پنهنجي ڪنوار سڏيندو.


آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا.


سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.


هنن سان چڱائي ڪري آءٌ خوشي محسوس ڪندس ۽ يقيناً آءٌ هنن کي هن ملڪ ۾ پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ڄمائي ڇڏيندس.“


پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“


آءٌ تو سان پنهنجو عهد اقرار نئين سر قائم ڪندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بي‌خوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون.


پوءِ وڻن ۾ ميوو ٿيندو ۽ ٻنين ۾ فصل ٿيندا. آءٌ بني اسرائيل کي غلاميءَ جي پاڃاريءَ مان آزاد ڪندس ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا، تن جي هٿان کين ڇڏائي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهائيندس. تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي عظمت ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. آءٌ گھڻين قومن سان اهڙي نموني پيش ايندس جو اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اهو ئي خداوند اوهان جو بچائيندڙ خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو. تنهنڪري اوهان کي مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائڻ نہ گھرجي ها.


اي بني اسرائيل قوم! آءٌ تو سان هميشہ زال مڙس وارو اهڙو لاڳاپو جوڙيندس، جيڪو سچائيءَ، عدل، رحمت ۽ دائمي شفقت وارو هوندو.


آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.


اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا.


آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي.


خداوند ويجھين توڙي پري وارين زورآور قومن جي وچ ۾ عدالت ڪري سندن جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.


آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پيءُ ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هم‌وطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.


پر اسين خدا جا آهيون. جيڪو خدا کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ وارو روح آهي ۽ ڪنهن ۾ گمراهيءَ وارو روح.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ