Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس، جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي، ۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي. هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس، جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:13
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخي‌اب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعل‌زبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“


اهڙيءَ طرح ييهوءَ اسرائيل مان بعل جي پوڄا جي پاڙ پٽي ڇڏي.


هن اهي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا، جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتا لاءِ پڻ قربان‌گاهون ٺهرايون ۽ يسيرہ ديويءَ جو هڪڙو ٿنڀو بہ ٺهرايائين، جهڙيءَ طرح اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڪيو هو. هن آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا بہ ڪئي.


خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن جا رستا اهڙن ئي ٻُوڙن وانگر آهن، هائو، اهڙن بي‌دينن جي هر اميد نابود ڪئي ويندي.


پر پوءِ جلد ئي هو سندس انهن ڪمن کي وساري ويٺا، ۽ خداوند جي مرضيءَ کان منهن موڙي ڇڏيائون.


هنن انهيءَ خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين بچايو هو، هائو، جنهن هنن کي مصر جي غلاميءَ مان ڇڏائڻ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا.


خدا جيڪي ڪم ڪيا هئا سي بہ هنن وساري ڇڏيا، هائو، انهن معجزن کي بہ جيڪي هن کين ڏيکاريا هئا.


هاڻي تون وڃ ۽ پنهنجيءَ قوم کي انهيءَ جاءِ ڏانهن وٺي وڃ جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي ۽ منهنجو ملائڪ تنهنجي اڳيان هلندو رهندو. پر جڏهن فيصلي جو ڏينهن ايندو تڏهن انهن کي سندن گناهہ جي سزا آءٌ ڏيندس.“


اي اسرائيل وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان پنهنجي بچائيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مضبوط ٽڪر جيان اوهان جي حفاظت ٿي ڪئي. انهيءَ جي بدران ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن.


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


اسان جي اڳواڻن کي شهر جي دروازي وٽ ويهي فيصلا ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ اسان جي نوجوانن مان ڳائڻ وڄائڻ ختم ٿي ويو آهي.


تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم ۽ تنهنجي ڪنن ۾ واليون پارايم ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو تاج رکيم.


تو منهنجا ڏنل سون ۽ چانديءَ جا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ مردن جون مورتيون جوڙايون ۽ انهن سان زناڪاري ڪئي.


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


جيتري قدر مون هنن کي پاڻ ڏانهن سڏيو، اوتري قدر هو مون کان پري ٿيندا ويا. هو بعل ديوتائن جي پوڄا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا، ۽ اُڪريل مورتين لاءِ لوبان ساڙيندا رهيا.


بيشڪ خداوند ڀوائتيون ڳالهيون ڪري اسرائيل وارن کي ڊيڄاريو. هن انهن جي خلاف سخت لهجي ۾ ڳالهايو تہ ”بعل ديوتا جي پوڄا ڪري اهي گنهگار ٿيا آهن، سو هو ضرور ماريا ويندا.“


پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


هوءَ پنهنجي عاشقن جي پٺيان لڳندي، پر کين پهچي ڪين سگھندي. هائو، هوءَ انهن کي ڳوليندي رهندي پر لهي نہ سگھندن. تڏهن هوءَ چوندي تہ ’آءٌ پنهنجي پهرئين مڙس ڏانهن موٽي وينديس، ڇو تہ هاڻي جي ڀيٽ ۾ منهنجي ان وقت واري حالت بهتر هئي.‘


اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن. ٽڪرين تي جيڪي شاهہ‌بلوط، ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن، تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جون نوجوان ڌيئرون، ۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين.


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


اسرائيل ۽ يهوداہ وارن پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، انهيءَ بجاءِ هنن ڪيترائي ڪوٽن وارا شهر ۽ محلات بڻائي ڇڏيا آهن، پر آءٌ باهہ موڪلي سندن انهن شهرن ۽ محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندس.“


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو، هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.


تڏهن خبردار ٿجو، متان پنهنجي خداوند کي وساري ڇڏيو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو. سو خداوند انهن کي حصور شهر جي فوج جي سپهہ‌سالار سيسرا جي هٿان، فلستين جي هٿان ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري کين انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ