Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ هن جون سموريون خوشيون ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، نئين چنڊ، سبت ۽ سندس عيدن جا ڏينهن، مطلب تہ سندس سڀ پاڪ گڏجاڻين جا ڏينهن آءٌ کيس ملهائڻ نہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يربعام پنهنجي مرضيءَ موجب اٺين مهيني جي پندرهين تاريخ هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي عيد يهوداہ ۾ ٿيندي هئي. پوءِ هو ساڳئي ڏينهن تي بيت‌ايل ڏانهن ويو جتي سوني گابي اڳيان قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪيائين ۽ اتي بہ هن جيڪي مختلف هنڌن تي پوڄا گھر ٺهرايا هئا تن ۾ پڻ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيا.


تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.


آءٌ هنن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، بلڪ اٽي جي چڪيءَ جو آواز ۽ ڏيئي جو سوجھرو بہ ڪڍي ڇڏيندس.


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


هنن مون خداوند سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري هنن جو اولاد منهنجو نہ آهي، ۽ اهي ناجائز اولاد آهن. هاڻ اهي ۽ سندن اولاد هڪڙي مهيني جي اندر سندن ملڪيت سميت نيست وَ نابود ٿي ويندا.


اوهان جو سخت پورهيو بي‌فائدو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زمين فصل پيدا ڪانہ ڪندي، نڪي وري باغن جا وڻ ئي ڪو ميوو ڏيندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اوهان جي عيدن کي مڪروہ ٿو ڄاڻان، ۽ مون کي انهن کان نفرت آهي. اوهان جي پاڪ گڏجاڻين مان مون کي حقارت ٿي اچي.


”ان ڏينهن محلاتن ۾ ڳائڻ واريون عورتون روئنديون رڙنديون، هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويندا جيڪي ٻاهر اڇلايا ويندا. پوءِ هر هنڌ بلڪل خاموشي ڇانئجي ويندي.“


اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“


جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو، ۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو، تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ