Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 14:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 14:9
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا.


جيڪي انسان عقلمند هوندا، سي هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، اهڙا ماڻهو خداوند جي دائمي رحمتن تي غور ڪندا.


انهيءَ ڪري جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن کي سچو سمجھان ٿو، ۽ هر ڏنگيءَ راهہ کان نفرت ڪريان ٿو.


اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي طاقت لاءِ تو تي ٿا ڀاڙين، ۽ جن جي دل ۾ صيئون جبل جا شاهي رستا آهن.


هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.


سڌي واٽ تي هلڻ وارن لاءِ خداوند جاءِ‌پناهہ آهي، مگر بدڪارن لاءِ هن وٽ بربادي آهي.


عقلمند انسان سمجھہ وارو سڏجي ٿو، مِٺَ زبانيءَ جي ڪري گھڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ورهائجي ٿي.


بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.


پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.


پوءِ اهي انهن غير معبودن جي قربان‌گاهن ڏانهن نہ نهاريندا، جيڪي پنهنجي هٿن سان ٺاهيون اٿائون. نڪي هو انهن بت‌پرستيءَ وارين شين کي مان ڏيندا، جيڪي سندن آڱرين جوڙيون هونديون، پوءِ اهي يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا هجن يا لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون.


سچارن جي رستي ۾ ڪو کڏو کوٻو ڪونهي، هائو، اي خداوند! تون ئي سندن رستو سنئون سڌو بڻائين ٿو.


تڏهن اوهين مون کي پڪاريندا ۽ مون کان دعائون گھرندا تہ آءٌ اوهان جون اهي دعائون اگھائيندس.


مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“


جڏهن اوهين اتي موٽي ايندا، تڏهن سموريون بت‌پرستيءَ جون گنديون ۽ ڪراهت جهڙيون شيون ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندا.


انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


ڏاها ماڻهو ئي انهن ڳالهين کي سمجھي ويندا. هائو، گھڻا ئي ماڻهو پاڪ ۽ صاف ڪيا ۽ سڌاريا ويندا. پر بڇڙن مان ڪوبہ انهن ڳالهين کي ڪين سمجھندو. هائو، بڇڙا بڇڙائيءَ جا ئي ڪم ڪندا رهندا.


پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.


آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.


پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“


پوءِ شمعون انهن لاءِ برڪت گھري ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو خدا جي طرفان تنبيهہ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پيءُ کان نفرت ڪن ٿا.


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن دنيا ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


جيڪو بہ خدا جو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين خدا جا نہ آهيو.“


پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ هن دنيا ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“


۽ چيائينس تہ ”اي ابليس جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون خداوند جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچا ۽ چڱا آهن،


اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ