Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 14:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هنن جون ٽاريون اهڙيون پکڙبيون، جو منجھائن زيتون جي وڻن جهڙي سونهن نظر ايندي، ۽ لبنان جي وڻن جهڙي خوشبوءَ ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 هن جون ٽاريون پکڙنديون، ۽ هن جي سونهن زيتون جي وڻ جهڙي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 14:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب ويجھو اچي چمي ڏنس. تڏهن اسحاق کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي. سو کيس دعا ڏيئي چيائين تہ ”منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.


تنهنجي زال تنهنجي گھر اندر انگورن جي ڦلدار ول وانگر ٿيندي، هائو، تنهنجو اولاد تنهنجي دسترخوان جي چوگرد زيتون جي وڻ جي چوگرد ڦٽي نڪتل جھجھن سلن وانگر هوندو.


پر آءٌ خدا جي گھر ۾ زيتون جي سرسبز وڻ وانگر آهيان. منهنجو ڀروسو هميشہ تائين خدا جي دائمي شفقت تي آهي.


سچار ماڻهو کجيءَ جي وڻ جيان ڦلدار آهن. اهي لبنان واري ديال جي وڻ جيان پيا وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا.


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو.


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


مون خداوند کين سهڻن ميون سان سينگاريل سرسبز زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو. پر هاڻ هڪڙي وڏي گجگوڙ سان آءٌ انهيءَ وڻ جي پنن کي ساڙي وجھندس ۽ ان جون ٽاريون ٽوڙي ڇڏيندس.


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


عيسيٰ انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ حقيقي ول آهيان ۽ منهنجو پيءُ باغائي آهي.


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙي قبول پوندڙ قرباني آهي، جنهن کي خدا پسند ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ