Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 14:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي، تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس. پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا، اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا، جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 آءٌ اسرائيل جي لاءِ ماڪ جهڙو ٿيندس: هو سوسن وانگر گل ڪندو، ۽ لبنان وانگر پنهنجون پاڙون هڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 14:5
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو صبح جي انهيءَ روشنيءَ مثل آهي، جيڪا سج اڀرڻ مهل بنا ڪڪر جي ظاهر ٿئي ٿي، يا جيڪا روشني مينهن بعد ڌرتيءَ جي نرم گاهہ تي پيل ڦڙن کي چمڪائي ٿي.‘


هڪ دفعو وري يهوداہ وارن مان باقي بچيل ماڻهو ٻوٽي وانگر وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي اڀري ڦر جھليندا،


آءٌ هميشہ انهيءَ وڻ وانگر رهندس، جنهن جون پاڙون سدائين سايون رهنديون آهن، منهنجي ٽارين تي سڄي رات ماڪ پوندي، ۽ مون کي تازگي بخشيندي،


اهو ائين پڻ آهي جيئن صيئون جبل تي ماڪ پوي، بلڪل حرمون جبل جي ماڪ جيان. بيشڪ صيئون تي خداوند پنهنجي واعدي ڪيل برڪت، يعني ابدي حياتي نازل ڪري ٿو.


شال ملڪ ۾ جھجھو اناج ٿئي، جيڪو جبلن جي چوٽيءَ تائين پيو جھولي! شال انهيءَ جا فصل اهڙا گھاٽا ٿين، جهڙا لبناني جابلو علائقي جا ٻيلا آهن! شال انهيءَ جي شهرن جي آبادي ائين وڌي، جيئن ڌرتيءَ جو گاهہ وڌي ٿو!


جيئن فصل تي برسات پوندي آهي، يا جيئن وسڪارو زمين کي ڀِڄائي ٿو، تيئن شل بادشاهہ برڪت بڻجي.


انهيءَ کي اتي پوکڻ لاءِ تو زمين کي تيار ڪيو هو. سو ان جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي، ۽ اهو سڄي ملڪ تي پکڙجي ويو.


سچار ماڻهو کجيءَ جي وڻ جيان ڦلدار آهن. اهي لبنان واري ديال جي وڻ جيان پيا وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا.


اهي خداوند جي گھر ۾ لڳل وڻن جيان آهن، جيڪي اسان جي خدا جي حضور ۾ سدائين ساوا رهندا.


بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.


اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،


تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي انهن ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون آهن، جيڪي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


انهيءَ سبب جو خداوند مون يسعياہ کي پيغام ڏيندي فرمايو تہ ”آءٌ پنهنجي عرش عظيم تان ائين سڪون سان هيٺ نظر ڪندس، جيئن ڏينهن جو گرميءَ ۾ سج جي تپش ماٺ ۾ محسوس ٿيندي آهي، يا جيئن اونهاري ۾ لاباري جي ڏينهن ۾ رات جو ماڪ خاموشيءَ ۾ پوندي آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو.


جهڙيءَ طرح آءٌ ڌرتيءَ تي برڪت نازل ڪندي انهيءَ جي سڪيءَ زمين تي نهرون وهايان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ اوهان تي برڪت نازل ڪندي اوهان جي نسل تي پنهنجو حياتي بخشيندڙ روح نازل ڪندس.


جيئن آسمان مان برسات ٿي وسي، تيئن آءٌ فتح جو مينهن وسائيندس. جيئن مينهن پوڻ بعد زمين مان سلا ڦٽي نڪرندا آهن، تيئن آءٌ خورس جي هٿان انصاف ۽ سچائيءَ جو ڦل اڀاريندس. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان.“


آءٌ هنن جي فطرت کان پوريءَ طرح واقف آهيان، تنهن هوندي بہ آءٌ کين بحالي عطا ڪندس، ۽ سندن رهبري ڪندس. آءٌ هنن کي ۽ سندن غمخوارن کي وري دلداري ڏيندس.


جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي.


هنن سان چڱائي ڪري آءٌ خوشي محسوس ڪندس ۽ يقيناً آءٌ هنن کي هن ملڪ ۾ پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ڄمائي ڇڏيندس.“


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن.


غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو.


۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.


جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ