Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 14:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 آءٌ هنن جي ڪوتاهيءَ جو علاج ڪندس، ۽ هنن کي کلي دل سان پيار ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ هنن کان ڦري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 14:4
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.


پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو. اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو، اچي اناج وٺو ۽ کائو. هائو، اچو ۽ اڻ‌مُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.


آءٌ هنن جي فطرت کان پوريءَ طرح واقف آهيان، تنهن هوندي بہ آءٌ کين بحالي عطا ڪندس، ۽ سندن رهبري ڪندس. آءٌ هنن کي ۽ سندن غمخوارن کي وري دلداري ڏيندس.


منهنجي قوم مون کي پڪاري چوي ٿي تہ ’جيتوڻيڪ اسان جا گناهہ اسان تي شاهدي ٿا ڏين، تہ بہ اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر ڪجھہ ڪر. بيشڪ اسان جون نافرمانيون وڌي ويون آهن، ۽ اسين تنهنجا گنهگار آهيون.


اي خداوند! تنهنجي ئي شفا بخشڻ سان آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس. تنهنجي ئي بچائڻ سان آءٌ بلڪل بچي ويندس، بيشڪ اهو تون ئي آهين جنهن جي آءٌ واکاڻ ٿو ڪريان.


اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهن هوندي بہ ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ انهيءَ کي وري اڏيندس ۽ ان جي رهاڪن کي بحال ڪندس. آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي بخشيندس ۽ کين دائمي امن ۽ سلامتي عطا ڪندس.


اهو ئي سبب آهي جو ٻيلي مان هڪڙو شينهن هنن تي حملو ڪري کين چٽ ڪندو، بيابان مان هڪڙو بگھڙ اچي کين کائيندو، هڪڙو چيتو سندن شهرن جي ويجھو ڇپ هڻي ويهندو، تہ جيئن جيڪو اتان ٻاهر نڪري تنهن کي چيري ڦاڙي ڇڏي. اهو انهيءَ ڪري جو هنن جي بغاوت وڌي ويئي آهي، ۽ سندن قصور گھڻا ٿي ويا آهن.


جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.


وري فرض ڪريو تہ آءٌ ڪنهن بدڪار کي چوان تہ ’تون ضرور مرندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي گناهن کان توبهہ‌تائب ٿي عدل ۽ انصاف موجب زندگي گذاري ٿو.


تڏهن اوهان جي آس‌پاس واريون قومون جيڪي جنگ مان بچي ويل هونديون، سي ڄاڻي وٺنديون تہ مون خداوند ئي ناس ٿيل شهرن کي وري اڏايو آهي ۽ ويران ٿيل زمين کي وري آباد ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو واعدو آهي تہ آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس، هائو، ضرور ڪندس.“


منهنجي قوم مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. اهي بعل ديوتا کي پڪاريندا آهن، ۽ سندس ئي پوڄا ڪندا آهن.


اي بني اسرائيل قوم! آءٌ تو سان هميشہ زال مڙس وارو اهڙو لاڳاپو جوڙيندس، جيڪو سچائيءَ، عدل، رحمت ۽ دائمي شفقت وارو هوندو.


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي، هو سوڀ ڏيڻ جي وڏي سگھہ رکي ٿو. هو تو مان گھڻو شادمان ۽ خوش ٿيندو، هو پنهنجي محبت وچان تو کي وري بحال ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.“


”هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس جيڪي ڪيو آهي، تنهن سبب بني اسرائيل تان منهنجي ڪاوڙ ٽري ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هنن مان منهنجي غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو مون بني اسرائيل کي پنهنجي غيرت سببان برباد نہ ڪيو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“


جڏهن تہ خدا پنهنجي فضل واري بخشش سان عيسيٰ مسيح ۾ ڇوٽڪاري سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


انهيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ فضل موجب ٿيو، جيڪو اسان تي عيسيٰ مسيح ۾ ازل کان وٺي ڪيو ويو هو.


پر جڏهن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مهرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ