هوسيع 13:16 - Muslim Sindhi Bible16 اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 سامريہ پنهنجو ڏوهہ کڻندي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجي خدا کان باغي ٿي آهي: هو ترار سان ڪِرندا، هنن جا معصوم ٻار پرزا پرزا ٿيندا، ۽ هنن جي حاملہ زالن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“
پوءِ مون پروردگار کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادتگاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“