هوسيع 13:14 - Muslim Sindhi Bible14 تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 آءٌ هنن کي پاتال جي هٿان ملهہ ڏيئي ڇڏائيندس، آءٌ هنن کي موت کان ڇڏائيندس: اي موت، تنهنجون مريون ڪٿي آهن؟ اي قبر، تنهنجي تباهي ڪٿي آهي؟ رحم منهنجين اکين کان لڪي ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“