Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن. سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 خداوند جو يهوداہ سان بہ تڪرار آهي، ۽ هو يعقوب کي سندس راهن موافق سزا ڏيندو؛ انهي کي هو سندس ڪمن موافق بدلو ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 12:2
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هڪڙي سال هوسيع مصر جي ”سو“ نالي بادشاهہ ڏانهن مدد لاءِ پنهنجا قاصد موڪليا ۽ اشور جي شهنشاهہ کي آئندہ لاءِ ڍل ڏيڻ بہ بند ڪري ڇڏيائين. جڏهن سلمنيسر کي انهيءَ ڳالهہ جو پتو پيو تڏهن هوسيع کي گرفتار ڪرائي قيد ۾ وجھي ڇڏيائين.


”ڇا تو جهڙي ڏاهي ماڻهوءَ کي اهو جڳائي ٿو تہ تون اجايون ڳالهيون جوڙي جواب ڏئين، ۽ پنهنجو پاڻ کي هوا سان ڦنڊائين؟


پر ائين هو پنهنجي واتان خدا سان دوکو ڪندا هئا. هو پنهنجي زبان سان سندس آڏو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.


هائو، انسان هن دنيا ۾ خالي هٿين اچي ٿو ۽ مرڻ کان پوءِ بہ خالي هٿين ئي هليو وڃي ٿو. اهو پنهنجي ڪمائيءَ مان پاڻ سان گڏ ڪابہ شيءِ کڻي وڃي نہ ٿو سگھي.


پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


اهو ڏينهن ايندو، جڏهن خداوند آسماني طاقتن کي آسمان ۾، ۽ ڌرتيءَ جي حڪمرانن کي ڌرتيءَ تي سزا ڏيندو.


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


پوءِ جيڪو جيتري سزا جو مستحق هوندو، تنهن کي بدلي ۾ خداوند اوتري ئي سزا ڏيندو. هائو، پنهنجي مخالفن تي هو غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کان انتقام وٺندو، پوءِ اهي کڻي ڪيترو بہ پري ڇو نہ هجن.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو. هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو ۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“


آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس، جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي، ۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي. هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس، جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي اسرائيل وارؤ! خداوند کي اوهان جي خلاف شڪايت آهي، سو ٻڌو، خداوند اوهان جي باري ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”هن ملڪ ۾ نڪي سچائي آهي، ۽ نہ وري ڪو ڪنهن جي ڀلائي چاهي ٿو، نڪي وري هتي مون خدا جي ڪا سڃاڻ ئي آهي.


سو اوهين بہ اها ئي سزا ڀوڳيندا جيڪا ٻيا ماڻهو ڀوڳيندا، جهڙا اوهان جا افعال آهن، تهڙي ئي آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪيل ڪمن جو بدلو ڏيندس.


جڏهن بہ آءٌ خداوند چاهيان ٿو تہ پنهنجي قوم کي ٻيهر بحال ڪري خوشحال ڪريان، تڏهن سامريہ بلڪ سڄي اسرائيل وارن جي بدڪرداري ۽ بڇڙائي سامهون ٿي اچي. اهي هڪٻئي سان ٺڳي ٿا ڪن، انهن مان ڪي گھرن ۾ کاٽ هڻي چوري ٿا ڪن، تہ ڪي وري ڦورن جو ٽولو بڻجي ٻاهر رستن تي لٽين ڦرين ٿا.


اسرائيل وارا بي‌عقل ۽ بي‌سمجھہ ڪبوتر جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن. اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين، ۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.


هو اهو نہ ٿا سوچين تہ آءٌ سندن سڀ بڇڙايون ڏسي رهيو آهيان، بلڪ اهي ايترو تہ بڇڙاين ۾ وڌي ويا آهن، جو انهن کي ڏسڻ سان مون کي رڳو گناهہ ئي گناهہ نظر اچن ٿا.


توڙي جو اهي ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ ٻين قومن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا آهن، تہ بہ هاڻي آءٌ پڪڙي کين گڏ ڪندس، آءٌ کين جلد ئي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي تڪليفن ۾ وجھي ڇڏيندس.


اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


اسرائيل وارا اشور ڏانهن ائين ويا آهن، جيئن ڪو اڪيلو رولو گڏهہ وڃي، اتي وڃي هنن پنهنجي مدد لاءِ اشورين کي ڀاڙي تي سڏيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جي بڇڙائي جِلجال کان ئي شروع ٿي، هائو، آءٌ اتي ئي ساڻن ڏاڍي نفرت ڪرڻ لڳو هئس. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ وارن ڪمن جي ڪري کين پنهنجي چونڊيل ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. آءٌ انهن سان وري محبت نہ رکندس، ڇاڪاڻ تہ سندن سڀ اڳواڻ مون کان باغي آهن.


اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو، جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا، اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن، هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.


اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو. هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


خدا هر ڪنهن کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. سو اهڙي سوچ رکي پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، انسان جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ