هوسيع 11:9 - Muslim Sindhi Bible9 هاڻي آءٌ پنهنجي سخت غضب کي عمل ۾ ڪين آڻيندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر هرگز برباد نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انسان ناهيان، بلڪ خدا آهيان. آءٌ پاڪ خدا اوهان سان گڏ آهيان، ۽ اوهان تي قهر نازل نہ ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 آءٌ پنهنجي سخت ڪاوڙ عمل ۾ نہ آڻيندس، آءٌ افرائيم کي ناس ڪرڻ لاءِ نہ موٽندس: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، نہ انسان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قدوس خدا آهيان: آءٌ ڪاوڙ ۾ شهر ۾ نہ گهڙندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،