Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 11:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سندن شهرن تي جنگ مڙهي ويندي، ۽ سندن پوڄارين جا اڳواڻ ماريا ويندا. سندن نافرمانين جي ڪري تلوار منهنجي قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ ترار هن جي شهرن تي ڪڙڪندي، ۽ هن جي درن جي گزن کي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ خود سندن مصلحتن ڪري هنن کي ڳهي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 11:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين ڪرڻ سان هنن خداوند سان بي‌وفائي ڪئي، ۽ پنهنجي انهن افعالن جي ڪري هو پاڻ بہ پليت ٿيا.


خداوند بار بار کين ڇڏايو، پر هو پنهنجي ئي صلاحن تي هلندي فسادي بڻجي ويا هئا، سو نيٺ اهي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا.


جڏهن ٻور مان گل ۽ گلن مان انگور مس ٿين ٿا، تڏهن فصل جي پچڻ کان اڳ جيئن ولين کي ڏاٽي سان وڍي ناس ڪيو وڃي، تيئن ئي دشمنن جا منصوبا پورا ٿيڻ کان اڳ آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.


هن وقت ڪوٽن وارا شهر ويران ڪيا ويا آهن. هائو، اهي ڪنهن اجڙي ويل گھر ۽ بيابان وانگر ويران ۽ سڃا ٿي ويا آهن. اهي چوپائي مال جا چراگاهہ بڻجي ويا آهن، جتي ڌڻ آرام ٿا ڪن ۽ وڻن جي ڏارن مان چرندا ٿا وتن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.


سو خداوند هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اسرائيل وارن مان سڀني اڳواڻن کي ناس ڪري ڇڏيندو، هائو، هو مٿي ۽ پُڇ کي هڪ ئي ڏينهن وڍي ڇڏيندو.


هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“


آءٌ خداوند اوهان بابلين خلاف هڪڙي اهڙي تلوار کڙي ڪندس، جنهن کان اوهين، اوهان جا امير توڙي ڏاها ماڻهو بہ بچي ڪين سگھندا.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


ڏکڻ واري ٻيلي کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، آءٌ تو منجھہ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جيڪا تنهنجي سڪن توڙي ساون وڻن کي بہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. ڪوبہ انهيءَ کي وسائي ڪونہ سگھندو ۽ ڏکڻ کان اتر تائين هر انسان جو منهن انهيءَ باهہ سان لهسجي ويندو.


سو هاڻي اوهان جي قوم تي جنگ اچي ڪڙڪندي، ۽ اوهان جا سڀ قلعا ڊاهي ناس ڪيا ويندا، جهڙيءَ طرح بادشاهہ شلمن جي ڏينهن ۾ بيت‌اربيل کي جنگ ۾ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ جنگ ۾ مائرن کي ٻارن سميت اڇلائي ماريو ويو هو.


اشور جي عظيم شهنشاهہ وٽ نذراني طور اهو گابي وارو بت پيش ڪيو ويندو. اسرائيل وارا پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري خوار خراب ٿيندا.


اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“


جيئن تہ اسرائيل وارن سرڪش ڏاند وانگر سرڪشي ڪئي آهي، سو آءٌ خداوند ڪيئن انهن کي رڍن وانگر کُليل چراگاهہ ۾ چاريان؟


اسرائيل وارا بتن جي پوڄا گھرن ۾ ڦاسي ويا آهن، کين ڇڏي ڏيو تہ ڀلي هو پنهنجي رستي سان هلن.


ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان. تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر، ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“


اوهان جي ملڪ جا شهر ۽ مضبوط قلعا، جن ۾ حفاظت جي لحاظ کان اوهان کي ڀروسو آهي، تن سڀني کي آءٌ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن منجھہ ئي اوهان جي سڀني شهرن ۾ اها قوم اوهان جو گھيرو ڪندي، جيستائين اوهانجيون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون جن تي اوهان جو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون.


ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا، ۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا، ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها. اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ