Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خداوند فرمائي ٿو تہ ”جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اي اسرائيل، تو جبعہ جي ڏينهن کان وٺي گناهہ پئي ڪيا آهن: هو اُتي بيٺا رهيا، انهي لاءِ تہ بدڪاريءَ جي ٻارن تائين لڙائي نہ اچي پهچي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 10:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن،


قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


آءٌ ڪاهي ايندس ۽ اچي انهن بدڪارن کي سيکت ڏيندس، هائو، آءٌ ٻين قومن کي سندن خلاف گڏ ڪندس، ۽ کين گھڻن ئي گناهن جي سزا ڏني ويندي.


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“


اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو، جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا، اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن، هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.


جِبعت شهر جا ماڻهو اچي منهنجي پٺيان پيا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ ترسيل هئس تنهن کي رات جو وڪوڙي ويا. هنن مون کي قتل ڪرڻ گھريو، پر پوءِ منهنجي سريت سان زوريءَ ايتري تہ زنا ڪيائون جو هوءَ مري ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ