Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 10:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 10:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ ييهوءَ يربعام ولد نباط جي انهيءَ گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو، يعني بيت‌ايل ۽ دان ۾ سونن گابن جي پوڄا.


هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.


يوسياہ کان اڳ ۾ يهوداہ جي بادشاهن يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي آس‌پاس وارن هنڌن جي غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون پيش ڪرڻ لاءِ ڪاهنن مان ڪن کي مقرر ڪيو هو. يوسياہ بادشاهہ انهن سڀني کي اتان ڪڍي ڇڏيو. هن انهن کي بہ ڪڍي ڇڏيو جيڪي بعل ديوتائن، سج، چنڊ، ڪهڪشائن، آسماني تارن ۽ سيارن لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جي پوڄا گھرن ۽ پنهنجي بڻايل گابي ۽ ٻڪر جي شڪل وارن بتن لاءِ پنهنجي ماڻهن کي مذهبي بزرگ مقرر ڪيو هو.


هاڻ وري اوهين خداوند جي بادشاهت سان مقابلي ڪرڻ جا منصوبا ٿا ٺاهيو، جيڪا دائود جي اولاد جي هٿن ۾ آهي. اها حقيقت آهي تہ اوهين هڪ وڏو لشڪر آهيو ۽ اوهان وٽ سونا گابا بہ آهن جيڪي يربعام ٺاهي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.


بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. اهي پاڻ کي بچائي بہ نہ سگھيا آهن، بلڪ کين قيد ڪري ٻين ملڪن ڏانهن نيو ويو آهي.


پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“


اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻين قومن جيان خوشي ۽ شادمانو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا سان بي‌وفائي ڪري کانئس پري ٿي ويا آهيو. هائو، اوهان بعل ديوتائن اڳيان پاڻ کي ڪسبياڻيءَ جيان پيش ڪيو آهي، ائين اوهان کي جيڪو اناج ملي ٿو، تنهن کي اوهين پنهنجي ڪسب جو عيوضو ٿا سمجھو.


بني اسرائيل جا پويان بہ پنهنجن ابن ڏاڏن وارين عادتن تي قائم رهيا، سو هاڻي اسرائيل وارن جي وڏائي ۽ گھڻائي پکيءَ جيان اُڏامي ويندي، سندن عورتن کي حمل نہ ٿيندو، هائو، منجھن ڪوبہ ٻار ڪين ڄمندو.


جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت‌ايل جي قربان‌گاهن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندس. هائو، قربان‌گاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا ۽ زمين تي وڃي ڪرندا.


آءٌ خداوند پنهنجو هٿ يروشلم جي رهاڪن خلاف، بلڪ سڄي يهوداہ وارن خلاف کڻندس. آءٌ هن هنڌان بعل جي باقيات کي فنا ڪري ڇڏيندس، بلڪ آءٌ انهن ڪاهنن جي نالن کي پڻ مِٽائي ڇڏيندس جيڪي بعل جي بت‌پرستي بہ ڪرائين ٿا.


سو نہ رڳو اهو خطرو آهي جو اسان جو هي ڌنڌو خراب ٿي ويندو، بلڪ اهو بہ انديشو آهي تہ متان عظيم ديوي ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنهن ديويءَ جي پوڄا آسيا صوبي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنهن جي عظمت ختم نہ ٿي وڃي.“


يشوع يريحو مان عئي شهر ڏانهن ڪجھہ ماڻهو موڪليا، جيڪو بيت‌ايل جي اوڀر طرف بيت‌آون جي ويجھو آهي. هن کين چيو تہ ”اوهين وڃي انهيءَ علائقي جي جاسوسي ڪري اچو.“ سو اهي ماڻهو ويا ۽ عئي شهر جي جاسوسي ڪيائون.


هن کين وراڻيو تہ ”اوهان منهنجو ڪاهن ۽ منهنجا جوڙيل بت بہ پاڻ سان کڻي آيا آهيو. هاڻي باقي مون وٽ ڇا ڇڏيو اٿوَ؟ پوءِ بہ اوهين مون کان ٿا پڇو تہ ’ڪهڙي ڳالهہ آهي؟‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ