Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 10:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سو هاڻي اوهان جي قوم تي جنگ اچي ڪڙڪندي، ۽ اوهان جا سڀ قلعا ڊاهي ناس ڪيا ويندا، جهڙيءَ طرح بادشاهہ شلمن جي ڏينهن ۾ بيت‌اربيل کي جنگ ۾ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ جنگ ۾ مائرن کي ٻارن سميت اڇلائي ماريو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تنهن ڪري تنهنجي قوم ۾ گڙٻڙ ٿيندي، ۽ تنهنجا سڀ قلعا لٽجي ويندا، جيئن شلمن، بيت اربيل کي جنگ جي ڏينهن ڦريو لٽيو هو: ماءُ ٻارن سميت هيٺ اُڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 10:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي.


هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.


اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر مٿس ڪاهہ ڪري آيو، هوسيع سندس آڻ مڃي ۽ هر سال کيس ڍل پهچائڻ لڳو.


ٻين قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ هڪڙي پنهنجو ملڪ مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڪڏهن ڇڏايو آهي ڇا؟


باقي بچيل ارامين جي شان وَ شوڪت جو حشر بہ بني اسرائيل جي شان وَ شوڪت جهڙو ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اسرائيل ۾ ڪوبہ ڪوٽ يا قلعو باقي نہ رهندو، جڏهن تہ ارام جي شهر دمشق مان بادشاهي ختم ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“


ان جا سڀ شهر قبضي هيٺ اچي ويندا، ۽ مضبوط قلعا دشمن هٿ ڪري وٺندا. انهيءَ ڏينهن موآب جي بهادر مردن جي دلين ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


ساڳيءَ طرح اي اسرائيل جي بيت‌ايل شهر جا رهاڪؤ! اوهان جي گھڻي بڇڙائيءَ سبب اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جو بادشاهہ جنگ جي شروع ۾ ئي ماريو ويندو.“


اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“


جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت‌ايل جي قربان‌گاهن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندس. هائو، قربان‌گاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا ۽ زمين تي وڃي ڪرندا.


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو. ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي، ۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي.


اوهان جي ملڪ جا شهر ۽ مضبوط قلعا، جن ۾ حفاظت جي لحاظ کان اوهان کي ڀروسو آهي، تن سڀني کي آءٌ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.


تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو، ۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا. ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا، ۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.


تنهنجا سڀيئي قلعا انجيرن جي انهن وڻن وانگر آهن، جن ۾ سڀ پڪل انجير هجن، ۽ جڏهن انهن وڻن کي لوڏيو وڃي تہ انهن جا انجير کائيندڙن جي وات ۾ اچي ڪرن.


هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ حاڪمن جو مذاق ٿا اڏائين. هو قلعي وارن سڀني شهرن تي کِلن ٿا، هو مٽيءَ جي دڙن وارا مورچا اڏي انهن قلعن کي قبضي هيٺ آڻين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ